انتخاب

انتخاب:عربي ٻوليءَ جو هيءُ لفظ سنڌ ۾ ”ڌُوڻ“ ۽ ”چونڊ“ جي مفهوم ۾ استعمال ٿيندڙ آهي، جيئن گهڻين شين مان چونڊي کنيل يا پسند مطابق ڌڻي کنيل. ساڳيءَ جنس مان چونڊي کنيل شيءِ يا جدا جدا جنسن مان مرضيءَ مطابق ڪنهن هڪ جنس چونڊي کڻڻ کي به ”انتخاب ڪرڻ“ چيو ويندو آهي. اڄ ڪلهه اردوءَ جي اثر هيٺ ”چونڊن“ (اليڪشن) کي انتخاب يا انتخابات جي اصطلاح سان اچاريو ويندو آهي. تفصيل لاءِ ڏسو ”چونڊ، يا چونڊون“.


لفظ انتخابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو