امين ارباب

امين ارباب

امين ارباب

امين ارباب: شاعر، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر محمد امين، ڳوٺ علي محمد نھڙيي تعلقي ماتلي ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي، ايم اي صوفي ازم ۽ ايل ايل بي آهي. عملي صحافتي زندگيءَ جي شروعات روزاني عبرت حيدرآباد کان بطور نيوز ايڊيٽر ڪئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وڏي عرصي تائين هفتيوار ادبي پروگرام ”سڳنڌ“ جي ڪمپيئر طور ڪم ڪيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مشھور صوبائي پروگرام ”تارن ڀري رات“ هن جي اڄڪلهه سڃاڻپ بڻيل آهي. امين ارباب ڪجهه وقت زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ايڊهاڪ تي ليڪچرر ۽ اسلام آباد سينيٽ ۾ ايڊيٽر آف ڊبيٽ جي عارضي عھدي تي رهيو. لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي ۾ او ايس ڊي، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن ۾ بطور ڪلارڪ ۽ هن وقت سئي سدرن گئس ڪمپنيءَ ۾ ڊپٽي مئنيجر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. مھراڻ ٽي وي تي ڪيترو ئي وقت ”نيوز ڪاسٽر“ ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪيومينٽريز پڻ رهيو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڌرتي منھنجي سرتي“ (شاعري)، ”در کليو ئي رهيو“ (ريڊيائي افسانا)، ’لڙيو پئي لاڙ تان سورج“ (ٽي وي ڊاڪيومينٽريز) ۽ ”آئون، آواز ۽ ريڊيو“ (ريڊيائي گفتگو) شامل آهن. امين ارباب صحافت دوران محترمه بينظير ڀٽو سميت ڪيترن ئي سياستدانن جا انٽرويو ڪيا. صحافتي سفر دؤران مختلف ملڪن جا دؤرا ڪندي کيس ايران جي صدر رفسن جاني کان صدارتي اوارڊ به مليو. هن شاهه لطيف جي سر ڪاموڏ تي بھترين تحقيقي ڊاڪيومينٽري به ٺاهي جنھن تي کيس سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان لطيف اوارڊ ڏنو ويو. ان کان علاوه محترمه بينظير ڀٽو جي پھرين ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان ٽي وي اسٽوريز جو مقابلو ڪرايو ويو، جنھن تي مھراڻ ٽي وي تي نشر ٿيل، هن جي اسٽوري پھريون انعام حاصل ڪيو. امين ارباب جي ٽي وي اسٽورين ۾ ڪي اهڙيون به هيون جن تي عدالتن پاڻ مرادا نوٽيس ورتا ۽ عوام جا مسئلا حل ٿيا.


لفظ امين اربابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.07.03  عيسوي

امين ارباب: شاعر ، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر . محمد امين ولد علي محمد نهڙيي جو جنم تاريخ 3 جولاءِ 1965ع تي ڳوٺ علي محمد نهڙيي تعلقي ماتلي ضلعي -بدين- ۾ ٿيو



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شوداساڻي جيرامداس
جعفر ميمڻ
جان محمد مھر
شيخ نظر محمد بسمل
آصف جيلاني
ارشد شريف
ٽانوري محمد عثمان
ظفر علي خان مولانا
الهه بچايو جمالي
شان ڏهر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون