امير علي چانڊيو

امير علي چانڊيو

امير علي چانڊيو

امير علي چانڊيو: ناميارو نقاد، نثر نويس، شاعر ۽ مترجم اميـر علـي چانڊيو 24 مئي 1949ع تـي، ولي محمد چانڊيي جي گهر ۾، ڳـوٺ شاهه محمد چانڊيي (ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ آباد جي مُلا مڪتب مان حاصل ڪئي، بعد ۾ سندس والدين روزگار سانگي لاڙڪاڻي شھر ۾ لڏي اچي ويٺا. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ دوران ٽيون نمبر آيو. ان وقت لاڙڪاڻو، حيدرآباد بورڊ ۾ شامل هو. ڪاليج واري دور ۾ هن مولوي محمد احمد کوکر کان فارسيءَ جي ۽ مولوي عبدالڪريم کان عربيءَ جي تعليم پڻ ورتي. ان کانپوءِ امير علي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ داخلا ورتي. ان دوران هو استاد مقرر ٿيو. ڪجهه وقت ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن ۾ استاد رهيو. ماستريءَ دوران ڪجهه عرصو موڪل وٺي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ويندو هو. اهڙيءَ ريت هن بي. اي آنرس ڪئي ۽ 1973ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. ان دوران هن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنو ۽ جامعه مليه ڪاليج ملير ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ پوليس منتخب ٿيو ۽ محنت، ايمانداريءَ سان ترقي ڪري ايس. پي ٿيو، جنھن عھدي تي رهي هن مختلف ضلعن ۾ ملازمت ڪئي ۽ ترقي ڪري ڊي. آءِ. جي جي عھدي تي پھتو.امير علي چانڊيي کي شاگرديءَ واري زماني کان وٺي ادب، خاص ڪري شاعريءَ سان چاهه هو ۽ هڪ شاعر طور گيت، غزل، وائي ۽ ڪافيءَ جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هن کي موسيقيءَ سان به وڏو لڳاءُ هو، جنھنڪري نامور فنڪار مٺو ڪڇيءَ کان ڪجهه وقت هارمونيم جي سکيا به ورتي. امير علي چانڊيو، سنڌي ٻوليءَ جو بھترين نثرنگار ۽ نقاد هو. هن جا ٽماهي مھراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ تاج بلوچ جي شاعريءَ ۽ سنڌي ڪھاڻيءَ جي فن بابت تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا شايع ٿيا. هن شاهه صاحب جي ’سر ڪلياڻ‘، ’يمن ڪلياڻ‘، ’کنڀات‘، ’آسا‘ ۽ ’ڪيڏاري‘ جا ڪجهه بيت انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جيڪي روزاني ’هلال پاڪستان‘ ڪراچيءَ ۾ ڇپيا. هي واحد نقاد هو، جنھن شيخ اياز جي شاعريءَ جي فني حوالي سان اوک ڊوک ڪئي ۽ سندس اسلوب، فارم ۽ ٽيڪنيڪ بابت لکيو. سندس اهو تنقيدي مقالو ماهوار ’سھڻي‘ جي شيخ اياز نمبر ۾ ڇپيو. امير علي چانڊيي، 12 آڪٽوبر 1996ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.05.24  عيسوي

ناميارو نقاد، نثر نويس، شاعر ۽ فرض شناس پوليس آفيسر اميـر علـي 24 مئي 1949ع تـي، ولي محمد چانڊيي جي گهر ۾، ڳـوٺ شاهه محمد چانڊيي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.


1996.10.12  عيسوي

امير علي چانڊيي، 12 آڪٽوبر 1996ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروين موسيٰ ميمڻ
تولا رام ٻالاڻي
بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
رياض صديقي
شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر
شمس سومرو ڊاڪٽر
رحمت الله ماڃوٺي
ايوب عمراڻي
چندر ڪيسواڻي
پريتم ورياڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون