امر ساهڙ

امر ساهڙ

امر ساهڙ

امر ساهڙ: امر ساهڙ جو اصل نالو غلام قادر ولد محمد صديق آهي. هي 5 فيبروري 1962ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ ٿاڌات ۾ ڄائو. تعليم ايم اي (سنڌي) ۽ بي ايڊ اٿس. امر، سٺو شاعر ۽ نثر نويس آهي. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. مختلف اخبارن، رسالن ۾ مضمون، خاڪا ۽ تاثر وغيره لکندو رهي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”اکين ۾ الڪا“ (شاعري)، ”خيال ڪڙو کڙڪائن ٿا“ (ريڊيو اسڪرپٽ)، ”صحرا مون ۾ ساھه کڻي ٿو“ (شاعري) شامل آهن. پيشي جي لحاظ کان استاد رهيو، جتان هاڻ رٽائرڊ ڪري چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ نئين ڪوٽ جو 1992ع کان 5 سال سيڪريٽري ۽ ميرپورخاص جو 2 سال ضلعي رابطه سيڪريٽري رهيو. ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي 2005ع کان وٺي 2014ع تائين ڪمپيئرنگ ڪئي. کيس علمي ادبي مڃتا طور ڪيترائي اورڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: ’تنوير عباسي اوارڊ‘: (سنڌي ادبي سنگت)، ’بھترين شاعر اوارڊ‘: (سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي)، ’بھترين شاعر اوارڊ‘ (فقير مقيم فائونڊيشن)، انجمن ترقي پسند مصنفين پاران سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو“ کي سال جي بھترين ڪتاب جو اوارڊ شامل آهن.


لفظ امر ساهڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.02.05  عيسوي

امر ساهڙ 5 فيبروري 1962ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ ٿاڌات ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بشير احمد سومرو
امداد علي سھتو
امر اقبال
بشير احمد بشير
الهنواز نواز رُڪڻائي
تاج محمد شيخ
فقير قربان لنجواڻي آزاد
ٽالپر ڪرم
سترام داس جڳياس
عـزيـزالله مجروح
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون