امداد علي سرائي

امداد علي سرائي: فقير امداد علي سرائي، لطيفيات جو وڏو ڄاڻو هو. هن فقير عالم خان ڪاٺيي جي گهر ۾ ڪاٺياواڙ محلي، نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 4 سيپٽمبر 1936ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم نصيرآباد مان ۽ مئٽرڪ ڪراچيءَ مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. ٺٽي ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلرڪ طور ملازمت ڪيائين. بعد ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار، انچارج مختيارڪار ۽ آفيس سپرنٽينڊنٽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن رهيو. هن ٺٽي ۾ نوڪري ان ڪري ورتي، جو کيس ننڍي هوندي کان شاهه جي رسالي سان لڳاءُ هو ۽ سندس چواڻي رسالي جي 70% ٻولي لاڙي آهي. شاهه جي رسالي جي ابتدائي سکيا ۽ تعليم مرحوم فقير طيب جت کان ورتائين، جيڪو لطيف سائينءَ جي 130 حاضري فقيرن مان نهيٽي فقير جت جو تڙ پوٽو هو. ان کان سواءِ فقير عبدالله ميمڻ، فقير حاجي صديق فقيراڻي جت (ڪيٽي بندر)، فقير حاجي خميسي چانڊيي ۽ فقير رمضان جت جو صحبتي رهيو. فقير رمضان جت جو والد فقير احمد جت، ڊاڪٽر دائودپوٽي سان رسالي جي ترتيب ۾ ڪافي وقت مددگار رهيو هو. سرائي اميد عليءَ، شاهه جي ڪلام جي تحقيق ۽ اڻ ڇپيل ڪلام هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻه ڀيرا رڻ ڪڇ، ٻاڙمير، آدي پور، گانڌيدام، احمد آباد، ڪلياڻ ڪئمپ (الهاس نگر) ۽ ممبئيءَ جو سفر ڪيو، جتي هن جون ملاقاتون حاجي بصريي جت، آگي جت، آدم جت، سيد محمد شاهه نابين ۽ مائي مٺان سان ٿيون. هن شاهه جي قدمن جي سلسلي ۾ نارائڻ سر، ڪوٽيسر مندر، ڏيڻو در جبل (تعلقي نکراٽي)، لوڻيا ڳوٺ ۽ هبي توڙي ٻين قديم تاريخي ڳوٺن جو چڪر هنيو.
فقير امداد علي سرائيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’املهه اڻ توريا‘، (شاهه جا اڻ ڇپيل بيت)، (2) ’قدم ڪاپڙين جا‘، (3) ’ڪشتي منجهه ڪڻا‘. کيس ’ڪشتي منجهه ڪڻا‘ ڪتاب تي 10 هزار روڪ ۽ 5 تولا سون جو اوارڊ مٽياري ساداتن کان مليو. هن 16 سيپٽمبر 2002ع تي وفات ڪئي .


لفظ امداد علي سرائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.09.04  عيسوي

امداد علي سرائي 4 سيپٽمبر 1936ع تي جنم ورتو


2002.09.16  عيسوي

امداد علي سرائي 16 سيپٽمبر 2002ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظفر علي لغاري
آريسر محمد ايوب فقير
عبدالجبار خان
جڳواڻي سندر مينگهراج مجرم
حاجي غلام حسين ميمڻ
گلڻ فقير جکراڻي
چانڊيو مولابخش
رند احمد علي ڊاڪٽر
امانت مغل
زبيده قادري آپا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون