امداد علي اعواڻ

امداد علي اعواڻ

امداد علي اعواڻ

امداد علي اعواڻ: 11 آڪٽوبر 1944ع تي سکر ۾ ڄائو. پوسٽ گرئجوئيٽ ڪاليج سکر مان گرئجوئيشن ڪيائين. قانون جي تعليم ايس. ايم. لا ڪاليج، ڪراچيءَ ۽ گورنمينٽ لا ڪاليج، سکر مان حاصل ڪيائين. تعليم دوران 1965ع کان 1967ع تائين شاگردن جي گڏيل سرگرمين ۽ يونين جي چونڊن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين. 1975ع ۾ ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري، 1976ع ۾ نائب صدر ۽ 1977ع ۾ ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊيو. 1979ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر ۽ 1984ع ۾ ڪائونسل جو وائيس چيئرمئن چونڊيو. 1981ع کان 1984ع تائين هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن، ضلعي سکر جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1988ع کان 1991ع ۾ به ساڳئي عهدي تي چونڊيو ويو. 1989ع ۽ 1990ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي انتظامي مجلس جو صدر ۽ 1994ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل جو نائب صدر ٿيو. 1999ع ۾ هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو صدر چونڊيو. سياسي طور تي پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ پيپلز لائرس فورم جو صدر پڻ رهيو. آڪٽوبر 1993ع ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو. تازو 2008ع ۾ عدليه جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ قافلي ۾ سفر دوران چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي گاڏي هلائيندي دل جو دورو پيس ۽ 31 جولاءِ 2008ع تي وفات ڪري ويو. کيس آبائي قبرستان شڪارپور ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.10.11  عيسوي

امداد علي اعواڻ 11 آڪٽوبر 1944ع تي سکر ۾ ڄائو


2008.07.31  عيسوي

امداد علي اعواڻ 31 جولاءِ 2008ع تي وفات ڪئي



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امين فهيم مخدوم
اختر حسين جدون
الهه بخش سومرو شهيد
آصف بالادي
آچاريه ڪرپالاڻي
ارباب وزير احمد
الاهي بخش پير
اي ايم قريشي
اياز لطيف پليجو
اياز سومرو
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون