امداد حسين

امداد حسين

امداد حسين (موسيقار)

امداد حُسين (موسيقار ):موسيقار امداد حسين ولد امير علي مڱڻهار 1930ع ۾ جمال شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ حُسين بخش عرف حسڻا خان جو شاگرد ٿيو. هن طبلي ۾ استاد غلام محمد خان ڏگي کان سکيا ورتي. موسيقيءَ جو سفر ڍولڪ ذريعي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان شروع ڪيائين. هن ميوزڪ ڊائريڪٽرن اي حميد، طلعت محمود، غلام نبي عبداللطيف، ديبو بٿا سان موسيقيءَ ۾ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو. سنڌي فلم انڊسٽريءَ جي بنياد پوڻ وقت پهرين سنڌي فلم ”عمر ماروي“ جا مڪمل گانا ڍولڪ تي پلي ڪيائين. اُن کانپوءِ ’پرديسي‘ ’آگ ڪا دريا‘، ’استادون ڪي استاد‘ فلمن ۾ ڍولڪ تي ريڪارڊنگ ڪرايائين. 1974ع ۾ پهريون ڀيرو موسيقار جي حيثيت ۾ سنڌي فلم ’گهونگهٽ لاهه ڪنوار‘ جي موسيقي ترتيب ڏنائين. جنهن ۾ ’منهنجي پريت نئين منهنجو پيار نئون‘ ’اي هوا آءٌ ڇو نه کلان، مون کي پيار مليو.‘ ’آيو سانوڻ آيو رم جهم...‘ هڪ سرائيڪي گانو ’تيڏي خدائي واه سرڪار اي‘ ۽ ڌمال ’ڪُل دي آس پڄاوين، جيوين لال سدائين‘ رڪارڊ ڪيائين. جنهن کانپوءِ امدادحسين وٽ فلم پروڊيوسرن جون قطارون لڳي ويون. ٻي مقبول فلم ’بادل‘ جي ميوزڪ پڻ هن ترتيب ڏني، جنهن جو پروڊيوسر اسماعيل ميمڻ ۽ فلم جو ڊائريڪٽر غلام حيدر صديقي هو، فلم جا مشهور ڳانا ”هي ناز هي ادا، خدا خير ڪري.“ ”ڇو ٿي ڄڻيئه اهڙيون ڌيئر امان...“، ”آ ساٿي گڏجي ڳايون“ هن ترتيب ڏنا. سنڌي فلمي دنيا جي بحران کانپوءِ امداد حسين، عبدالڪريم بلوچ جي دؤر ۾ پي. ٽي. وي تي آيو ۽ سنڌ سينگار، پرک، مهڪار ۽ ٻيا پروگرام ميوزڪ وسيلي ڪيائين. سندس شاگرد، انيتا رياض، مجاهد علي، وحيد زمان شاهه، نياز حسين سائل آهن. امداد حسين 21 فيبروري 2000ع تي وفات ڪئي، سندس تدفين ٽنڊي يوسف جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1930  عيسوي

موسيقار امداد حسين ولد امير علي مڱڻهار 1930ع ۾ جمال شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو .


21.02.2000  عيسوي

. امداد حسين 21 فيبروري 2000ع تي وفات ڪئي ، سندس تدفين ٽنڊي يوسف جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيل آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش عيسيٰ دشتي
عبدالحسين ميمڻ
ابن الجوزي
ڌناڻي محمد رفيق
ڀڳت گوبنداس
حسن اي شيخ
شادي شهيد فقير
شاهه محمد
رشيد صديقي حافظ
حسين بخش ذاڪري سماع ڌڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون