داخلا نمبر 1897
عنوان امداد جعفري
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 329 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
امداد جعفري

امداد جعفري

امداد جعفري

امداد جعفري: شاعر ۽ تنقيدنگار، امداد جعفري ولد سيد غلام رسول شاهه، 15 جنوري 1970ع تي ڳوٺ اڳري راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو. سندس اصل نالو سيد امداد علي شاهه آهي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم هاءِ اسڪول ڀليڏني ڪاڪا مان ۽ انٽر هالا ڪاليج مان ڪيائين. ايم. اي (سوشيالاجي)۽ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، جڏهن ته ايم. ايڊ، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ، ٽنڊي ڄام مان ڪيائين. 1997ع ۾، سوشل ويلفيئر آفيسر لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان پهريون نمبر کنيائين. هن جي ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ تنقيد نگار جي اٿس. سنڌ جي سڀني رسالن ۽ مخزنن ۾ سندس شاعري ۽ تنقيدي ادبي مضمون شايع ٿيندا رهن ٿا. نوجوانن ۾ شعر جو سٺو اڀياس رکي ٿو، گڏوگڏ تنقيدي نقطه نظر اعليٰ اٿس. سماجي حوالي سان مختلف علائقائي تنظيمن ۾ پڻ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.01.15  عيسوي

امداد جعفري: شاعر ۽ تنقيدنگار ، -امداد جعفري- ولد سيد غلام رسول شاهه ، 15 جنوري 1970ع تي ڳوٺ اڳري راهو ، تعلقي هالا ، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون