امام ڏنو فقير

امام ڏنو فقير

امام ڏنو فقير

امام ڏنو فقير: معروف شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقير 1950ع ڌاري ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ ڄائو. سنڌ ۾ شرناءِ وڄائيندڙ فنڪارن ۾ کيس ملڪو حاصل هو. ڪلاسيڪل توڙي سر سوز مهارت سان وڄائي ڄاڻندو هو. ڪيترائي ڀيرا شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي ميلي جي تقريبن ۾ مهمانن جي آمد وقت شرناءِ وڄايائين. هيءُ ڍڍ وڄائڻ ۾ به ماهر هو. حيدرآباد ۾ محرم الحرام جي ڏينهن ۾ پڙن توڙي ماتمي جلوسن ۾ به سوز وڄائيندو هو. هن پنهنجي سُنگ لاءِ الڳ ڊريس به تيار ڪرائي، جنهن ۾ پيازي رنگ جا ڪپڙا، زري واري صدري ۽ پٽڪو شامل هئا. هن پنهنجي سُنگ سان ڪيترين ئي محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن جا ڪيترائي شاگرد هئا. هن ثقافتي پروگرامن جي سلسلي ۾ امريڪا، فرانس، ڪئنيڊا ۽ دبئي ۾ پڻ فن جو مظاهرو ڪيو، جن مان اڪثر دورا حميد آخــونـد ۽ مـمـتاز مرزا جـي اڳــواڻـيءَ ۾ ڪيائين. کـيـس شـاهه لـطـيـف اوارڊ (2003ع)، لال شهباز قلندر اوارڊ ۽ صوفي ميوزڪ اوارڊ پڻ مليا. هن 26 اپريل 2012ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. هن کي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. کيس جڙيل شاهه قبرستان ٽنڊي آغا ۾ دفنايو ويو.


لفظ امام ڏنو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1950  عيسوي

معروف شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقير 1950ع ڌاري ٽنڊي مير محمود ، حيدرآباد ۾ ڄائو .


26.04.2012  عيسوي

امام ڏنو فقير 26 اپريل 2012ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چترا سنگهه
جمن احمداڻي
جوهر شوڪت علي مولانا
سليمان خان ٽالپر
ثناءَ الله قادري
ڀڳوان داس دولتاڻي ھوش
الف شاهه شهيد ۽ مست علي شاهه
پنڊت ديودت شرما
هري شوداساڻي
حاجي بهرام عرف حاجي بهران
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون