الياس ٿري

الياس ٿري

الياس ٿري

الياس ٿري: مشھور صحافي ۽ ليکڪ الياس ٿريءَ جو پورو نالو محمد الياس ولد حاجي اڪبر سومرو آهي. هن 21 مئي 1973ع تي نيو ڇور شهر، تعلقي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. تعليم ايم اي سنڌي اٿس. 1988ع ڌاري ادبي دنيا ۾ شاعري ۽ ڪالم نويسيءَ ذريعي پير پاتائين. هي روزاني ڪاوش، عوامي آواز، تعمير سنڌ، شام، هلال پاڪستان، خبرون، آواز ٽي وي، مھراڻ ٽي وي ۽ ٻين اخبارن جو رپورٽر ۽ اسٽاف رپورٽر رهي چڪو آهي. ھن وقت عمرڪوٽ ضلعي تي، روزاني ’پنھنجي اخبار‘ ۽ ٽائيم نيوز ٽي وي چئنل تي ڪم ڪري رھيو آھي. کيس 90ع واري ڏھاڪي دوران سنڌ جي 26 وڏن سماجي ادارن جي نيٽ ورڪ ڀٽ شاھ پڌرنامي پاران بھترين اسٽوري رائيٽر صحافي طور، صحافت تي ”شيخ اياز ايوارڊ“ ملي چڪو آھي. 2013ع ۽ 2014ع دوران ملڪ جي 30 سماجي ۽ انساني حقن لا جاکوڙيندڙ ادارن جي نيٽ ورڪ ”ريٽ نيٽ ورڪ“ پاران بھترين رپورٽنگ تي اسلام آباد ۾ اوارڊ ڏنو ويو. بيباڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ رپورٽنگ دوران ڪيترا دفعا زخمي ٿيو. ھڪ ڀيرو صحافتي مقصدن لاءِ جدوجھد ڪندي گرفتار به ٿيو. عمرڪوٽ مان هفتيوار ’کوجنا‘ اخبار پڻ جاري ڪئي. الياس ٿري صحافتي ڪيريئر ۾ ڪرنٽ افيئر توڙي سماجي معاملن تي سوين ڪالم لکي چڪو آهي. الياس ٿري حليم باغيءَ، جمن دربدر جي صحبت ۾ شاعريءَ طرف مائل ٿيو. پاڻ پريس ڪلب عمرڪوٽ جو ٻه ڀيرا صدر به رهي چڪو آهي.


لفظ الياس ٿريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

21.05.1973  عيسوي

الياس ٿري 21 مئي 1973ع تي نيو ڇور شهر تعلقي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضيه سلطانه کوکر
ڀاٽيا وشنو
رسول بخش خان گبول
احمد سومرو ڊاڪٽر
عباسي ايس ايم
اي ڪي هنگل
پير ڪرهيو ڀانڊاري
آدمجي حاجي دائود
بهادر خان کوکر
رهندو مل هسيجا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون