راڳي الهڏنو خاصخيلي

راڳي الهڏنو خاصخيلي

الهڏنو خاصخيلي

الهڏنو خاصخيلي: مشھور فنڪار الهڏنو ولد علي محمد خاصخيلي، 25 جنوري 1966ع تي، ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ ڄائو. ايم اي ۽ بي ايڊ تائين تعيلم حاصل ڪئي. هن پاڻ کي هڪ فنڪار طور متعارف ڪرايو. سندس ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. فني خدمتن عيوض کيس حسنِ ڪارڪردگي اوارڊ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ مليا. گورنمينٽ پي سي اسڪول ميرپوربٺوري ۾ موسيقيءَ جو استاد رهيو، سندس والد استاد علي محمد خاصخيلي، استاد محمد جمن جو شاگرد هو. الهڏني پنهنجي والد علي محمد خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا ورتي. هن ريڊئي ۽ ٽي ويءَ تي خوب ڳايو، پر عوامي ميڙاڪن جو مقبول فنڪار رهيو. شيخ اياز، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، غلام حسين رنگريز ۽ ٻين جديد شاعرن جي شاعريءَ کي نئين رنگ ۾ ڳائي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. 24 جون 2016ع تي، ٽنڊي الهيار لڳ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪئي، کيس مير بٺوري ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ الهڏنو خاصخيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.01.25  عيسوي

الهڏنو علي محمد خاصخيلي ، 25 جنوري 1966ع تي ٺٽي ۾ ڄائو


2016.06.24  عيسوي

الهڏنو خاصخيلي 24 جون 2016 تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد نياز حسين
استاد احمد خان
استاد خورشيد علي خان
رجب علي
فقير غلام جعفر سمو
سوڍل فقير لغاري
استاد شفيع فقير
شمن علي ميرالي
سوڍو جوڳي
رفيق فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون