الهورايو نظاماڻي

الهورايو نظاماڻي

الهورايو نظاماڻي

الهورايو نظاماڻي: سگهڙ قاضي الھورايو نظاماڻي 27 سيپٽمبر 1857ع تي ڄائو، هن جي پيدائش جي تاريخ ڪنھن ڊائري يا رجسٽر بدران سندس گهر آڏو بيٺل کجيءَ جي ڦرهي تي فارسيءَ ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته سندس پيدائش وقت سنڌي رسم الخط جو اڃا رواج نه هو. بدين ضلعي جي هڪ ڳوٺ مير محمد نظاماڻي عرف قاضيءَ جو ڳوٺ ۾ رهندڙ، ڏيڍ صديءَ جيتري ڄمار حاصل ڪندڙ سنڌ جي هن مشھور سگهڙ کي، سنڌي، عربي، فارسي، هندي، سرائڪي ۽ براهوي ٻولين تي مھارت حاصل هئي. انهن مڙني ٻولين ۾ ڳجھارتون، پروليون، گرچيلو، ڏٺ، بيت، سينگار، ڏور، ۽ دوها پڻ لکيا اٿائين. جڏهن ته عشق، عقل ۽ بخت بابت مشھور/ڪلاسيڪل قصن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڏاڍي سٺي نموني پيش ڪيو آهي، هونئن ته سندس شاعريءَ جا ڪيترائي رسالا موجود آهن، پر انهن مان سندس هڪ ڪتاب ’سالڪ جي سمجهه‘ سڄي سنڌ ۾ مشھور آهي. هن کي گهر ۾ سندس پيءُ صرف فارسي پڙهائي، باقي ٻيون ٻوليون مختلف مدرسن مان سکيو. جڏهن ته مختلف مدرسن ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو استاد پڻ رهي چڪو آهي. حمل فقير، سانوڻ فقير، سمن سرڪار ۽ سيد ميران محمد شاهه اول هن جا گھاٽا دوست هوندا هئا. جنھن مان سانوڻ فقير سان هن جي تمام گهڻي ويجھڙائپ هئي. هوٽلن ۾ ڪانڀ ٻڌي چانھه جون چسڪيون ڀريندڙ انهن جهونن کي اڄ به چاچي الھورائي جو مشھور پروگرام ”فتح خان سان شام“ نه وسريو هوندو. فتح خان سان شام پروگرام لاءِ پي ٽي وي وارا هر مھيني هن سگهڙ کي گهرائيندا هئا. هن ريڊيو تي به پروگرام ڪيا. آخري گھڙين تائين کيس ڀٽائيءَ جي رسالي جو وڏو حصو برزبان ياد هو. 1952ع ۾ هڪ ڀيري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ سگهڙ هٿان شاهه سائينءَ جا 11 ڏکيا بيت کيس ڏياري موڪليا ته انهن جي معنيٰ ٻڌائي. هي فقير منش بزرگ ٽنڊي قيصر ۾ وڃي ڊاڪٽر صاحب،سان مليو ۽ کيس بيتن جي معنيٰ ٻڌايائين، هي 18 سالن جو هو ته مغل بادشاهه، بھادر شاهه ظفر جي انگريزن جي قيد ۾ لاڏاڻي جي خبر ٻڌي هئائين. ان دؤر ۾ اخبار يا ريڊيو ته هوندا نه هئا، ان ڪري خبر چار جو وسيلو ماڻهو ئي هئا. جن کي لڪڙ تار چيو ويندو هو، 1890ع ۾ چارلس نيپئر پاران ٽنڊي محمد خان کان بدين تائين ريل جي پٽڙي وڇرائڻ واري ڪم ۾ هن شخص مزدوري ڪئي هئي جنھن جو اجورو کيس ٽن سڪن ۽ هڪ ڪسيري جي صورت ۾ مليو هو. سڪي کي ان دؤر ۾ دمڙي چيو ويندو هو، ٻن دمڙين عيوض هڪ ٻڪري خريد ڪبي هئي. هن شخص جي خوراڪ عام طور ٻاجهر جي ماني ۽ لسيءَ جو گلاس هو. ڀاڄين جو شوقين هو. چانھه سڄي زندگي نه چکيائين جڏهن ته مڇي شوق سان کائيندو هو، يوناني حڪيمن جي دوائن تي ويساهه رکندڙ هن شخص کي ڪابه وڏي بيماري نه ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1857.09.27  عيسوي

سگهڙ قاضي الھورايو نظاماڻي 27 سيپٽمبر 1857ع تي ڄائو.


1890.00.00  عيسوي

1890ع ۾ چارلس نيپئر پاران ٽنڊي محمد خان کان بدين تائين ريل جي پٽڙي وڇرائڻ واري ڪم ۾ هن شخص مزدوري ڪئي هئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالفضل نور احمد سنڌي
آفتاب سومرو
جکراڻي عرض محمد
سلطان محمود بيگڙو
امير علي شاهه ڄاموٽ
سوڀو گيانچنداڻي
پير تراب علي شاهه
بهلول لوڌي
ڌامراهوعبدالرحمان مولانا
چڪوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون