داخلا نمبر 1705
عنوان الهورايو اُداسي بِهڻ
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 602 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

الهورايو اُداسي بِهڻ

الهورايو ’اُداسي‘بِهڻ: ناميارو استاد، شاعر ۽ نثرنگار الهورايو بهڻ، پهرين فيبروري 1942ع تي ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي هڪ ڳوٺ ”گڙنگ“ ۾ ڄائو. ٻاروتڻ جو عرصو 1942ع جي مارشل لا دوران انگريزن طرفان قائم ڪيل ڪئمپ (لوڙهي) ۾، ماءُ پيءُ سان گڏ گذاريائين. 1960ع ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪري، پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1980ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم سنڌ پاران آسٽريليا ۽ ملائيشيا جي مطالعاتي دؤري تي ويو.
1960ع ۾ ”اداسيءَ“ جي تخلص سان شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ايڏو درد عميق“ 1992ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه سندس ملائيشيا جو سفرنامو ”رنگا رنگ ملائيشيا“ به ڇپيل آهي. جڏهن ته ’سانگهڙ جي سُرهاڻ‘ سووينئر جو ايڊيٽر رهيو آهي ۽ لاتعداد مضمون ۽ ڪالم لکيل اٿس. تازو ”جي گهارياسين بند ۾“ عنوان سان استاد الهورايي بهڻ، حاجي ولي محمد ۽ ٻين جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب شايع ٿيو آهي. گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج سانگهڙ ۾ استاد رهيو ۽ هاڻي رٽائرڊ آهي. هو سنڌي ادبي سنگت جهول جي بانين مان آهي. سماجي ۽ ادبي حوالي سان سندس وڏيون خدمتون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.02.01  عيسوي

پهرين فيبروري 1942ع تي ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون