گلوڪاره الهه وسائي

گلوڪاره الهه وسائي

الهه وسائي

الهه وسائي: مائي الهه وسائي گائيڪيءَ جي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ سنڌ جي لوڪ فنڪاره ۽ شاعره هئي. هوءَ 1928ع ڌاري سجاول ضلعي جي ڳوٺ ’موٽي جي مياڻ‘ ۾ ڄائي.مائي الهه وسائي گائيڪيءَ جي ڪلاسيڪي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندي هئي. هن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي ڳائڻ شروع ڪيو هو. هوءَ سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ جي ساهيڙي ۽ همعصر هئي. تن ڏينهن ۾ ڪلامن جي رڪارڊنگ گراموفون تي ٿيندي هئي ۽ جيوڻي ٻائي، مائي الهه وسائي، ماسٽر چندر، خان بلوچ'>سونا خان بلوچ موسيقيءَ جي دنيا جا وڏا نالا هئا. هن ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ به ڳايو سندس ڪجهه آڊيو ڪيسٽيون جاري ٿيون. سجاول جي مير بحر گهراڻي سان تعلق رکندڙ مائي الهه وسائي مشهور ڍولڪ نواز خميسي خان چانڊيي سان شادي ڪئي. کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ڄڻ ته عشق هو. ان ڪري هوءَ سندس عرس تي هر حال ۾ پهچندي هئي ۽ ڳائيندي هئي. 2002ع ۾ کيس ڀٽائيءَ جي ميلي تي لطيف اوارڊ ڏنو ويو ۽ حڪومت پاران کيس هڪ لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ٿيو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ وارثن کي مليو. آخري وقت ۾ کيس ڳلي جو ڪينسر ٿيو، تنهن هوندي به ڀٽائيءَ جي عرس تي پهتي ۽ ڪلام ڳايا. 29 اپريل 2003ع ميرپور بٺوري ۾ وفات ڪئي، کيس مهر شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ الهه وسائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.00.00  عيسوي

الهه وسائي 1928ع ڌاري سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ڄائي


2003.04.29  عيسوي

الهه وسائي 29 اپريل 2003ع ميرپور بٺوري ۾ وفات ڪئي، کيس مهر شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خادم حسين سمو
استاد ھدو خان
شاهه لطيف جا موجوده راڳي
سڄڻ مڱڻهار
غلام قادر شيخ
شبير شاهاڻي
فقير عبدالغفور
اڪرم علي ملاح
عبدالغفور سومرو
سجاد يوسف
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون