الهه رکيو ڳورڙ

الهه رکيو ڳورڙ

الهه رکيو ڳورڙ

الهه رکيو ڳورڙ: ناميارو استاد ۽ سماجي ڪارڪن الهه رکيو ولد بشارت خان ڳورڙ، 14 جون 1935ع تي ڳوٺ سوجهري ڳورڙ ، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري مسلم اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ مان 1954ع ۾ڪيائين. بي. ايڊ 1962ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم. اي (سنڌي) 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. استاد الهرکئي ڳورڙ ملازمت جي ابتدا اريگيشن کاتي ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪئي ۽ گڏوگڏ پڙهائي به جاري رکيائين. 1957ع ۾ ڳوٺ سڌار کاتي ۾ هيڊ ڪلارڪ ٿيو. ان کانپوءِ 59-1958ع ڌاري بنيادي جمهوريت کاتي ۾ هيڊ ڪلارڪ ٿيو ۽ جنهن بعد نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، بي. ايڊ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ پوءِ جولاءِ 1962ع ۾ استاد مقرر ٿيو، 1976ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لالو رائنڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪيائين. هو 1992ع ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپال مقرر ٿيو، جنهن بعد هائير سيڪنڊري اسڪول سيتا روڊ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو ، جتان 1995ع ۾ رٽائر ڪيائين.
الهه رکيو ڳورڙ ابتدا کان وٺي سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندو هو، هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيترا سماجي ترقياتي ڪم ڪرايا، جن ۾ گرلز اسڪول ۽ بوائز مڊل اسڪول جو قيام به شامل آهي، جنهن کي اڳتي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪرايائين. ڳوٺ ۾ پوسٽ آفيس، جانورن جي اسپتال، ايگريڪلچر آفيس، رورل هيلٿ سينٽر ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم به سندس ڪوششن سان قائم ٿيون. هن ڳوٺ جون گهٽيون ۽ رستا پڪا ڪرايا. استاد جي حيثيت ۾ هن ڪيترن شاگردن جي مدد ڪئي. رٽائرمنٽ بعد لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف رهيو. سندس آتم ڪٿاجيون سفر سِڪَ جو‘ 2010ع ۾ شايع ٿي. استاد الهه رکيي ڳورڙ 13 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي. سندس ٽي ڪتاب ’هڪ هزار شاعرن جي شاعري‘، سنڌ جي سگهڙن جي ڊائريڪٽري ۽ ’سنڌي سياڻا، ساهه سيباڻا‘ ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

14.06.1935  عيسوي

الهه رکيو ولد بشارت خان ڳورڙ ، 14 جون 1935ع تي ڳوٺ سوجهري ڳورڙ ، تعلقي ميهڙ ، ضلعي دادو ۾ ڄائو .


13.03.2012  عيسوي

استاد الهه رکيي ڳورڙ 13 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عالي شاهه ۽ ابو شاهه لڪياري
جتوئي غلام مرتضيٰ خان
پشپا مالهي
پونٽنگ رڪي ٿامس
شفيع محمد نظاماڻي
ارباب منور هالو
جمال الدين بخاري ڪامريڊ
حافظ عبدالڪريم پهوڙ
تنيو نذير احمد
جيلاني پير عالي شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون