الهه بخش شاهه بخاري

الهه بخش شاهه بخاري

الهه بخش شاهه بخاري

الهه بخش شاهه بخاري: سيد الهه بخش شاهه بخاريءَ 1 نومبر 1931ع تي، ڳوٺ تُنيا بقا شاهه، تعلقي ڪنڊياري ۾، صوفي بزرگ حاجي ٻُڍل شاهه ”حُسينيءَ“ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، مئٽرڪ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاهه (موجوده ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول) مان ڪيائين. بي. اي 1954ع ۾ ۽ ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) 1966ع ۾ ڪيائين. 1950ع کان 1954ع تائين نورمحمد هاءِ اسڪول، ۽ 1958ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1- ۾ بحيثيت استاد ملازمت. جولاءِ 1958ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي بطور پروڊيوسر مقرر

ٿيو ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ پروگرام مينيجر، بهاولپور ۽ خيرپور ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر به رهيو، جتان 31 آڪٽوبر 1991ع تي رٽائر ڪيائين. 12 جون 1994ع کان 14 نومبر 1996ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. 19 نومبر 2008ع تي ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪيائين، کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سيد الهه بخش شاهه بخاري صوفي مسلڪ جو ماڻهو هو، سلسلي ’قادريه‘ ۽ ’چشتيه‘ جو طالب هو ۽ انهيءَ نسبت جي ڪري راڳ سان گهڻو لڳاءُ هئس. ڪيترن ئي ناميارن راڳين سان سندس سٺا لاڳاپا رهيا .


لفظ الهه بخش شاهه بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.11.01  عيسوي

سيد الهه بخش شاهه بخاريءَ 1 نومبر 1931ع تي ، ڳوٺ تُنيا بقا شاهه ، تعلقي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو


2008.11.19  عيسوي

سيد الهه بخش شاهه بخاري 19 نومبر 2008ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور علي شاهه ڊاڪٽر
ڀٽي مخدوم احمد
جعفر خان جمالي
آزاد حنيف
بابا بنکنڊي مهراج
پارپتي رامڪرشن آڏواڻي
جڳت پتي جوشي
سيد قائم علي شاهه موسوي
ڄام سَپڙُ
پير غلام رسول شاهه جيلاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون