داخلا نمبر 1703
عنوان الهنواز نواز رُڪڻائي
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 856 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي

الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي

الهنواز نواز رُڪڻائي

الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي: الهنواز ولد محمد عرس رُڪڻائي، 10 مئي 1930ع تي ڳوٺ رُڪڻ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. نامور شاعر استاد بخاريءَ جو ننڍپڻ کان دوست ۽ همعصر رهيو آهي، ٻئي گڏ پڙهيا ۽ شاعري ڪيائون. سُٺو استاد، شاعر ۽ اديب هو. پرائمري استاد طور رٽائر ڪيائين. خانداني طرح ملاح هئڻ ڪري ٻيڙين ۽ درياهه سان واسطيدار معلومات ۾ وڏي ڄاڻ هئس. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ لاءِ ”درياهي ٻولي ۽ جيوت“ بابت هڪ ڪتاب لکيائين، جيڪو سندس ڄاڻ، مطالعي ۽ مشاهدي جي ساک ڀري ٿو. اهو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو“ عنوان سان اٿارٽيءَ پاران 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سيل ۾ وڏو مددگار رهيو. ان سلسلي ۾ هن دادوءَ ۽ نوشهري ضلعي جي درياهي پتڻن، ڍنڍن، ڍورن، واهن، نئين، ٻيٽن ۽ ريٽن تي تفصيلي تحقيق ڪئي هئي. شاهه لطيف جو وڏو پارکو هو. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”ڇُليون منڇر ڇوليون“ 1998ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب، دادو تعلقي جي تاريخ تي ”دادو منهنجي دل“ 2007ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. گلشن منير ڪالوني دادوءَ ۾ رهندو هو. سنڌي ادبي سنگت ۽ استاد بخاري اڪئڊمي دادوءَ جو سرگرم ڪارڪن هو. هو 13 فيبروري 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.05.10  عيسوي

الهنواز ” نواز “ رُڪڻائي 10 مئي 1930ع تي ڳوٺ رُڪڻ ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو


2007.02.13  عيسوي

الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي 13 فيبروري 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون