داخلا نمبر 1572
عنوان الطاف عباسي
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 859 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
الطاف عباسي

الطاف عباسي

الطاف عباسي

الطاف عباسي: سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ، الطاف عباسي پنهنجي دور جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سڄو نالو الطاف نبي ولد گل محمد عباسي هو ۽ 15 جولاءِ 1942ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. 1958ع ۾ نواب شاهه مان مئٽرڪ ڪيائين. سٺي گهراڻي مان هجڻ جي باوجود، ميٽرڪ بعد هڪدم پنهنجي پيرن تي بيٺو ۽ خزاني آفيس نواب شاهه ۾ ڪلارڪ ٿيو. بعد ۾ 1961ع کان 1965ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسڪول نواب شاهه ۾ ماستر ٿيو. ان وچ ۾ پڙهائي به جاري رکيائين. 1962ع ۾ بي. اي (فرسٽ ڪلاس) ۽ 1964ع ۾ ايم. اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 1964ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪري 1967ع تائين وڪالت ڪيائين، ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. 1968ع ۾ پي. سي. ايس پاس ڪري آبڪاري کاتي ۾ گهڙيو ۽ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٿيو 6 فيبروري 1978ع تي نواب شاهه کان حيدرآباد ايندي مياڻي ٻيلي وٽ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيو.
الطاف عباسي نوجوان ۽ نمائنده شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو، سندس شعر پهريون ڀيرو 1958ع ۾ نواب شاهه جي ”آئينه“ رسالي ۾ ڇپيو، ۽ پوءِ سڀني مکيه رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ وغيره ۾ ڇپبو رهيو. پاڻ سنڌي ادبي تحريڪ جو روح روان، دوستن جي محفلن جو سينگار، ۽ شعرن ۾ ڪيترن نون تجربن جو بنياد وجهڻ وارو هو. هن ٿوري عمر ۾ جيڪو ادبي ورثو ڇڏيو آهي، اهو سندس نالي کي ادبي زندگي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. هن جا ڪيترا ٻاراڻا نظم درسي ڪتابن ۾ شامل هئا. سندس ايم. اي جو مونوگراف ’سنڌي قومي شاعريءَ‘ بابت هو، جيڪو اڃا اڻڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.07.15  عيسوي

الطاف عباسي 15 جولاءِ 1942ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو


1978.02.06  عيسوي

6 فيبروري 1978ع تي هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون