داخلا نمبر 1535
عنوان الحنيف
شاخ اخبارون
پڙهيو ويو 240 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

الحنيف

الحنيف (اخبار ):سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ هڪ هفتيوار اخبار، جيڪا شڪارپور مان نڪرندي هئي. 1924ع ۾ ”جمعيت الاحناف“ جي سرپرستيءَ هيٺ جاري ٿي. اخبار جو ايڊيٽر ڪريم بخش ٽانوري ۽ سرپرست پير حسن جان سرهندي هو. هيءَ اخبارالحنيف پريس“ مان ڇپپي هئي. 1929ع ۾ هيءَ اخبار جيڪب آباد جي مولوي محمد حسين کهاوڙ، پريس سميت خريد ڪئي، جنهن کان پوءِ اها جيڪب آباد مان نڪرڻ لڳي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو