نامور دانشور جي. الانا

نامور دانشور جي. الانا

الانا جِي

الانا ، جِي: ناميارو شاعر، محقق ۽ تحريڪ پاڪستان جو ممتاز جِي .الانا ، 22 جون 1906ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو . سندس پورو نالو غلام علي الانا هو . سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ، وڌيڪ تعليم لاءِ ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۽ فرگوسن ڪاليج پوني ( ڀارت ) ۾ پڙهيو . شاگرديءَ واري زماني ۾ ، تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيائين . 20 سالن تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر چونڊيو رهيو ، 1968ع ۾ ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر مقرر ٿيو ، جنهن کان پوءِ ، ڇهن سالن تائين اسلامي چيمبر آف ڪامرس جو صدر پڻ رهيو . تقريباً 120 بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين ۽ ڪجهه وقت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ۾ پاڪستان جو چيئرمئن پڻ رهيو . آغاخان فيڊرل ڪائونسل فار پاڪستان جو سالن تائين صدر رهيو . سندس گهر واري مسز جينوما الانا ، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري رهي . جي . الانا جي شاعريءَ جو اردو ، بنگالي ، گجراتي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي . اردوءَ ۾ لکيل سندس سفرنامو ديس بديس “ به شايع ٿي چڪو آهي . سندس ٻين تصنيفن ۾ ” قائداعظم اسٽوري آف نيشن “ ( انگريزي ) ، “ Our Freedom Fighters ” ، ” پاڪستاني شاعري “ ، ” محبت ڪي مشرقي داستانين “ “ Four Classical Poets of Sindh ” ۽ “ Memories of Prince Ali Khan ” شامل آهن . 78 سالن جي ڄمار ۾ 5 مارچ 1984ع تي وفات ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.06.22  عيسوي

ناميارو شاعر، محقق ۽ تحريڪ پاڪستان جو ممتاز جِي .الانا ، 22 جون 1906ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.


1984.03.05  عيسوي

الانا جي مارچ 1984ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور شعور
سيد بيرنگ بادشاهه
پشڪن اليگزينڊر
احمد بخش احمد مورائي
سيد اصغر علي شاهه عاجز
ادل سومرو
سائينداد ساند
حبيب ساجد
مينگهو فقيرشر
سنتل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون