اقبال ملاح

اقبال ملاح

اقبال ملاح

اقبال ملاح: اقبال ملاح سنڌ جو نامور صحافي آهي. هن ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ گهاڙي ۾ پھرين فيبروري 1970ع تي واحد بخش ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو. هي ڳوٺ نامور سنڌي ليکڪا بادام ناتوان ۽ مشھور سياستدان مير ٿيٻي جو ڳوٺ آهي. سندس تعليم ايم. اي (سياسيات) آهي. اقبال ملاح ساٿي ٻارڙا سنگت جي تنظيم ڪاريءَ ۽ شاگرد تحريڪ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاخ ڊي. ايس. ايف جي ميمبر جي حيثيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هي ڊي ايس ايف سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهي چڪو آهي. 1991ع کان هن روزاني ڪاوش اخبار کان عملي صحافتي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، ان بعد ڪوشش، عبرت، جنگ ۽ ٻين اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو. هي روزاني پاڪ ۽ روزاني دعا اخبارن جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. اقبال ملاح هن وقت روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ جو حيدرآباد بيورو جو انچارج آهي. هن سياست ۽ سماجي موضوعن تي مختلف اخبارن ۾ ڪافي مضمون، ڪالم، اسٽوريون ۽ فيچر لکيا آهن. سنڌ جي قومي مسئلن ۽ سياسي مسئلن تي هن جي قلم هميشه جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي. حيدرآباد جي صحافتي زندگيءَ ۾ کيس سٺن صحافين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اقبال ملاح پنھنجي آتم ڪھاڻي ”اسان جيئرا رهنداسين“ جي عنوان سان لکي آهي.


لفظ اقبال ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.02.01  عيسوي

اقبال ملاح: اقبال ملاح سنڌ جو نامور صحافي آهي . هن جو پورو نالو محمد اقبال ملاح آهي . هن ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ گهاڙي ۾ پهرين فيبروري 1970ع تي واحد بخش ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علامي محمد ٺٽوي
طالب سميجو
چاندو فقير
ديوي ٻائي هاسو مل
آغا ناصر
راجسٿاني عبدالهادي
احمد علي جمالي
جيجي زرينه بلوچ
اياز ڀاڳت
بکر فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون