داخلا نمبر 1383
عنوان اقبال رند
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 658 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اقبال رند

اقبال رند

اقبال رند

اقبال رند: ائڊووڪيٽ ۽ نوجوان شاعر اقبال رند، تعلقي ڪوٽ غلام محمد ضلعي ميرپورخاص جي ويجهو ’لانڍي‘ ڳوٺ ۾ 1970ع ڌاري، تر جي مشهور پرائمري استاد ۽ قومي ڪارڪن محمد جمن رند جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڪوٽ غلام محمد مان حاصل ڪري، 1986ع ۾ گورنمينٽ شاهه عبداللطيف ڪاليج ميرپورخاص مان انٽر پاس ڪيائين. ايم. اي سنڌي ۽ ايل. ايل. بي به ڪيل اٿس. 1990ع کان شاعري ڪيائين، غزل ۽ وائيءَ جي صنف ۾ نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ سٺو مقام رکي ٿو. هن وقت سيشن ڪورٽ، ڪوٽ غلام محمد ۽ ميرپورخاص ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. سندس شاعري جو مجموعو ”خوشبوءِ جي تنهائي“ (2005) ۾ ڇپيل آهي. هو هن وقت ميرپور خاص ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.00.00  عيسوي

اقبال رند 1970ع ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون