اقبال دل

اقبال دل

اقبال دل

اقبال دل: مشھور صحافي ۽ ايڊيٽر اقبال دل پهرين سيپٽمبر 1942ع تي ڳوٺ سومار دل، تعلقي پٿوري، ضلعي عمر ڪوٽ ۾ حاجي احمد علي دل ’مجذوب‘ جي گهر ۾ جنم ورتو. 1963ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪئي. هن صحافت جي شروعات 1961ع کان روزاني ”خادم وطن“ سان ڪئي، جنهن ۾ 1961ع کان 1968ع تائين سب ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو. 1972ع کان 1988ع تائين روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ سب ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. 1988ع کان 2021ع تائين روزاني ”هلال پاڪستاناخبار جي ايڊيٽر طور خدمتون انجام ڏنيون. سندس هڪ ڪتاب شام ملڪ جو سفرنامو ”شام ولايت ۾“ شايع ٿيل آهي. صحافت ۾ بهترين خدمتون انجام ڏيڻ تي کيس مولوي دين محمد وفائي لٽريچر اوارڊ (سنڌ ڪلچر سوسائٽي 1995ع)، آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي پاران بهترين ايڊيٽوريل لکڻ تي APNS اوارڊ (1998ع)، ڪراچي پريس ڪلب پاران 2009ع ۾ لانگ ميمبر شپ ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ جا اوارڊ پڻ ڏنا ويا. 12 ڊسمبر 2021ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


لفظ اقبال دلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.09.01  عيسوي

ناميارو صحافي ۽ ايڊيٽر اقبال دل پهرين سيپٽمبر 1942ع تي ڳوٺ سومار دل ، تعلقي ساماري ۾ حاجي علي احمد ’ مجذوب ‘ جي گهر ۾ ڄائو .


2021.12.12  عيسوي

اقبال دل 12 ڊسمبر 2021ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سترامداس ڪولهي پٽيل
مريم مختيار شيخ
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
تولارام عاجز
جان محمد عباسي مولانا
چوڌري پرويز الاهي
پلي محمد صديق
سيد قاسم محمود
ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي
سليم مگسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون