داخلا ؛ 1379
پڙهيو ويو ؛ 1164
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-02-14


تصويرون


Aflatoon.jpg
افلاطون
افلاطون



ٽائيم لائين

0472.00.00-B.C
هيءُ اٿينس جي هڪ اشراف گهراڻي ۾ 472 ق. م ۾ ڄائو، ۽ سقراط کان تعليم حاصل ڪيائين.

0347.00.00-B.C
هيءُ فيلسوف 347 ق. م ۾ گذاري ويو




sindhianaسنڌيانا--افلاطون

ٽائيٽل ؛ افلاطون


شاخ : شخصيت

افلاطون (Plato): يوناني فيلسوف، جنهن حڪمت الاهيءَ جو بنياد وڌو، جيڪو اڄ به دنيا جي وڏن اثرن رسوخ وارن مفڪرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
هيءُ اٿينس جي هڪ اشراف گهراڻي ۾ 472 ق. م ۾ ڄائو، ۽ سقراط کان -تعليم- حاصل ڪيائين. سندس بنيادي تصنيفن ۾ سقراط جي فلسفي جي ئي ترجماني ڪيل آهي. -افلاطون- جو فلسفو ”مڪالمات“ جي شڪل ۾ بيان ٿيل آهي، جيڪو اسلوب بيان، فڪر ۽ نظر جي گهرائيءَ ۽ وسيع خيالن جي لحاظ کان عالمي ادب جو شاهڪار تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس انهيءَ ڪتاب ۾ جمهوريت، قانون، تنقيد، سوفسطائيت سميت 18 موضوعن تي بحث ڪيل آهي. ”عوامي راڄ“ (Republic)، -افلاطون- جو مشهور ڪتاب آهي، جنهن ۾ هڪ مثالي حڪومت جو نقشو سامهون رکي، انصاف جو عملي خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. هن ئي ڪتاب ۾ هن شاعرن کي پنهنجي مثالي رياست مان نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ -ان- سلسلي جو بحث ادبي -تنقيد- جي زمري ۾ اچي ٿو. افلاطون، اٿينس ۾ هڪ ”اڪيڊميءَ“ جو بنياد به رکيو. سندس فلسفي موجب علم صحيح، دائمي ۽ غيرمتبادل هوندو آهي. هن ”روح عالم“ جو تصور به ڏنو، ۽ اهڙيءَ طرح مادي ڪائنات جي خالق کي تسليم ڪيو آهي. هيءُ روح عقليءَ کي غيرقانوني سمجهندو هو. سندس فلسفي موجب، ”خير“ جا بنيادي جزا چار آهن: عدل، اعتدال، شجاعت ۽ حڪمت، هن وٽ بدنظمي سراسر فساد آهي. هو نظم ۽ ترتيب کي مثالي رياست قرار ڏئي ٿو، -جتي- جو حاڪم فلسفي پڻ هجي. ادب ۽ فن جي -باري- ۾ -افلاطون- جو نظريو اهو هو ته مثالي حسن سان محبت، -انسان- کي ”عين خير“ تائين پهچائي ٿي. تنهن هوندي به هو پنهنجي مثالي رياست مان شاعرن کي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. وٽس فقط مادي دنيا جو تصور ٺڪرايل آهي. هيءُ فيلسوف 347 ق. م ۾ گذاري ويو.
فلسفي جي دنيا ۾ -افلاطون- انتهائي همه گير شخصيت جو مالڪ آهي. هو فلسفي جي -تاريخ- ۾ پنهنجي آدرشن جو نظريو (Theory of Ideas) جي ڪري مشهور آهي. -ان- کان سواءِ روح جي لافاني هجڻ، -تخليق- ڪائنات جي مخصوص نظريي، علم يا ڄاڻ بحيثيت يادگيريءَ جي، وغيره، سندس اهڙا نظريا آهن، جيڪي کيس هميشه لاءِ فلسفي ۾ زنده رکندا اچن ٿا.
جيستائين -افلاطون- جي پنهنجي فڪر جو تعلق آهي ته -ان- تي سندس پيشرو فيلسوفن جهڙوڪ: پئٿاگورس، پارمينائڊس، هيراقليطس ۽ سقراط جا واضح اثر نظر اچن ٿا. پئٿاگورس وٽان هن مذهبي رجحان، خاص ڪري لاقانونيت ۽ ٻيءَ دنيا جا تصور ورتا. اهڙيءَ طرح حقيقت کي ابدي ۽ وقت کان مٿي ڄاڻڻ جو نظريو، هن پارمينائڊس کان پرايو. هيراقليطس جي نظريي جو مٿس وڏو اثر ٿيو، جنهن مطابق حسياتي دنيا ۾ ڪابه شيءِ مستقل ۽ دائمي نه هئي. سقراط کان هن اخلاقيات جو اعليٰ درس پرايو ۽ -ان- کي ئي پيش ڪيائين.
افلاطون جي ”نظريه اعيان“ موجب هيءَ دنيا ٻيءَ اصلي دنيا جو نقل يا نظير آهي. هر شيءِ جو عين مطابق عالم بالا يا عالم مثال ۾ موجود آهي، جيڪو غير متبادل ۽ لافاني آهي. هن دنيا ۾ انهن شين جا صرف عڪس يا اولڙا آهن. -ان- جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته اسان جيڪا ڪاٺ جي ميز ڏسون ٿا، -ان- ۾ هڪڙي ته اها ڪاٺ واري ٺهيل ميز آهي، پر -ان- جي پٺيان ميز جو هڪ اهڙو آفاقي تصور (universal idea) آهي، جنهن سان اها ڪاٺيءَ واري ميز مطابقت رکي ٿي. هن جو چوڻ آهي ته اهو تصور ئي دراصل لافاني آهي، باقي ڪاٺ واري ميز ته فاني آهي.
اهڙيءَ ريت -افلاطون- جو نظام فلسفي جي دنيا ۾ پهريون جامع عينيت پسند ۽ تصوراتي يا آدرشي فڪر (Idealism) آهي. هن جي خيال ۾ هن دنيا جون طبعي شيون غير حقيقي يا نقل آهن ۽ -ان- جي مقابلي ۾ اعيان، دائمي ۽ آدرشي آهن. خدا ۽ خير جو تصور ٻين سڀني تصورات جو ڄڻ ته نقطئه ڪمال آهي.
بهرحال، -افلاطون- فلسفي جي دنيا ۾ ماديت پسند (Materialism) فلسفي جي مقابلي ۾ آدرشيت يا عينيت (Idealism) جو وڏي ۾ وڏو نمائندو آهي. -افلاطون- جي مستقل -تصنيف- سندس مڪالمات (Dialogues) آهن، جيڪي ڪيترن عنوانن تي مشتمل آهن. مشهور فلسفي -ارسطو- سندس شاگرد هو.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -افلاطون- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

افلاطون - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن