داخلا ؛ 1358
پڙهيو ويو ؛ 950
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-02-13


تصويرون


Professor-Aijaz-Qureshi.jpg
پروفيسر اعجاز قريشي
پروفيسر اعجاز قريشي



ٽائيم لائين

1948.01.02-A.D
پروفيسر اعجاز قريشي، 2 جنوري 1948ع تي ڄائو




sindhianaسنڌيانا--اعجاز قريشي پروفيسر

ٽائيٽل ؛ اعجاز قريشي پروفيسر


شاخ : شخصيت

اعجاز قريشي، پروفيسر: مشهور سنڌي اديب، مورخ، تعليمي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر -اعجاز- قريشي، 2 -جنوري- 1948ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ جي ’بختيارپور‘ ڳوٺ ۾، سنڌ جي مشهور وڪيل علي احمد قريشيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، يونيورسٽيءَ پاران اسڪالرشپ ملڻ تي، لنڊن يونيورسٽيءَ مان معاشيات ۾ ايم. اي ڪري وطن موٽيو.
سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: ’سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا مسئلا ۽ زراعت‘ (لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪيل ايم اي جي انگريزيءَ ۾ ٿيسز، جنهن جو بعد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو)؛ ’سنڌ جي -تاريخ- -ارغون- ۽ -ترخان- دور‘، ’سنڌ جي -تاريخ- ڪيئن لکجي‘ ۽ ’تاريخ جو سبق‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتابن جا ترجما)؛ ’سنڌ جي اقتصاديات‘ (شريڪ مصنف) سنڌالاجيءَ طرفان ڇپايل، ’سنڌ جو آواز‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، ’اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون‘. ’هي جي واڪا واءُ ۾‘، ’چار مارچ ۽ اڄوڪي سنڌ‘ (ترتيب). ’ڏاها هن ڏيهه جا‘ (ڪونج رسالي ممبئيءَ پاران ڇپيل)، ’ڪوميلا کان اورنگيءَ تائين‘، (اختر حميد خان جي ڪتاب جو ترجمو)، سنڌي ٻولي، ماضي، حال ۽ مستقبل (ترتيب) انهيءَ کان سواءِ اقتصاديات، سماجيات ۽ سنڌ جي ادبي، ثقافتي، فني ۽ معاشي مسئلن تي 200 کن تحقيقي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل اٿس. انهيءَ کان سواءِ سندس ننڍڙا سفرناما پڻ ڇپيل آهن. مترجم جي حيثيت سان سنڌ بابت -انگريز- عملدارن ۽ ٻين جي مضمونن جا انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيترا ترجما پڻ ڇپيل اٿس.
پروفيسر -اعجاز- قريشيءَ، 8 سال حڪومت -پاڪستان- طرفان قائم ڪيل نئشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) جو ڊائريڪٽر رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل ”سنڌ ڊيولپمينٽ اسٽڊي سينٽر“ جو ڊائريڪٽر، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ”ڊائريڪٽر پلاننگ“، سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ بي -ايس- جو ڊائريڪٽر، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو سيڪريٽري، اين جي اوز فيڊريشن سنڌ جو چونڊيل چيئرمئن، -بيسنت هال- ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو مئنيجنگ ميمبر ۽ ايس. آر. ايس. پيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ کيس ٻه ڀيرا وزيٽنگ فيلو به چونڊيو ويو، جڏهن ته -آمريڪا- جو وڏي ۾ وڏو تعليمي اوارڊ ’فل برائيٽ‘ به کيس ملي چُڪو آهي. هن وقت سيڊا ۾ جنرل مئنيجر آهي ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ/آب پاشيءَ جي سڌارن تي ڪم ڪري رهيو آهي.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اعجاز قريشي پروفيسر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اعجاز قريشي پروفيسر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن