اعجاز علي خواجه

اعجاز علي خواجه: ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ اعجاز علي خواجه ولد حاجي امام بخش خواجه، ٺٽي ضلعي جي قومي ڪارڪنن مان آهي. هن جو جنم ميرپور بٺوري شهر (سجاول) ۾، 24 آڪٽوبر 1950ع تي ٿيو. تعليم انٽر آرٽس اٿس. سياسي زندگيءَ جي شروعات 1968ع ۾ ڪئي، 1971ع ۾ پهريون ڀيرو جيل ويو، ان بعد 1979ع، 1980، 1983 ۽ 1986ع ۾ به جيل ياترا ڪئي. 1968ع کان 1986ع تائين پيپلزپارٽيءَ سان سندس وابستگي رهي. 1986ع کان سنڌي بلوچ پختون فرنٽ سان لاڳاپيل رهيو، جيڪا پارٽي اڳتي هلي ’سنڌ نئشنل فرنٽ‘ ۾ تبديل ٿي، جنهن جو سربراهه ممتاز علي ڀٽو آهي. اعجاز خواجه ميرپور بٺوري جو ننڍو زميندار ۽ سماجي ورڪر آهي. سندس ٽي ڪتاب ”نيئر منهنجو نينهن“، ”ڳالهيون ڪوٽ ڪڙن جون“ ۽ ”آر ڊي'>ايم آر ڊي جا قيدي“، ترتيبوار، آگسٽ 1988ع، جنوري 1995ع ۽ مئي 2017ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، جيڪي سندس جيل ياترائن جي داستانن تي مشتمل آهن. ان کان علاوه پارسي ليکڪ D.F Karaka جي انگريزي ڪتاب Then Came Hazarat Ali جي ڪجھه بابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو ’۽ پوءِ علي عه آيو‘ جي نالي سان 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. پاڻ هن وقت ميرپور بٺوري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اعجاز علي خواجهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.10.24  عيسوي

اعجاز علي خواجه جو جنم ميرپور بٺوري شهر ۾، 24 آڪٽوبر 1950ع تي ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد پير محمد شاهه
آصف هالائي
حميد عظيم آبادي
قاضي دائود
چنڙ بشير احمد ڊاڪٽر
جميل الدين عالي
آچر فقير
جادو فقير شهيد
خواجه محمد طاهر بخشي نقشبندي
شهداد خان ٽالپر اول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون