اعجاز علي خان جتوئي

اعجاز علي خان جتوئي

اعجاز علي خان جتوئي

اعجاز علي خان جتوئي: مشهور سياستدان خان جتوئي'>اعجاز علي خان جتوئي، رئيس عبدالحميد خان جتوئيءَ جو فرزند هو. دادو ضلعي جي ”ٻيٽي“ جاگير ۾ 5 آڪٽوبر 1954ع تي ڄائو. اعجاز علي جتوئيءَ شاگرديءَ واري زماني ۾ سنڌ نئشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان سياست جي ابتدا ڪئي. گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ڪاروباري ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئناڊا ويو، پر ڪن گهريلو حالتن ۽ ذميوارين جي ڪري ايم. بي. اي جي ڊگري وٺڻ کان سواءِ ڏيڍ سال بعد موٽي آيو. هن مارشل لا جي دور ۾ جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (MRD) ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۽ مختلف وقتن تي جيلن ۾ رهيو. 1985ع جي بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتائين. 1985ع ۾ ئي غيرجماعتي بنياد تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ جڙيل قومي اسيمبليءَ دوران پهريون ڀيرو سينيٽر ٿيو. ٻيو ڀيرو مارچ 1997ع ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سينيٽر چونڊيو. خان جتوئي'>اعجاز علي خان جتوئي 1988ع ۾ سائين جي. ايم سيد جي اڳواڻيءَ ۾ جڙيل ’سنڌ قومي اتحاد‘ جي باني ميمبرن مان هو ۽ سندس شمار سنڌ جي محب وطن سياستدانن ۾ ٿيندو هو. اعجاز علي جتوئي ضلعي ڪائونسل دادوءَ جو ميمبر پڻ رهيو. مطالعي، ڪاروبار ۽ سرڪاري ڪمن سان مختلف ملڪن جا دورا ڪيائين. PNP بزنجو گروپ سنڌ جو صدر رهيو. ڄام صادق علي خان جي دور ۾ ڇوٽي چونڊي دوران جيڪب آباد مان گرفتار ٿيو. 1997ع ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت ڪيائين. 47 سالن جي ڄمار ۾ گردن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي رياست ’ايريزونا‘ جي شهر ’فينڪس‘ جي ڪرام ويل اسپتال ۾، 16 سيپٽمبر 1997ع تي سندس انتقال ٿيو. ۽ ٻيٽي جتوئيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ اعجاز علي خان جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو