اظهر سولنگي

اظهر سولنگي

اظهر سولنگي

اظهر سولنگي: نالي واري اديب اظهر سولنگيءَ جو اصل نالو محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي آهي. هن 13 جنوري 1942ع تي ڳوٺ ميوي خان، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پرمانند هرداس مل سيڪنڊري اسڪول دادوءَ مان ۽ انٽر ۽ بي.اي ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پرائيويٽ پاس ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ”مسلم هسٽريءَ“ ۾ ماسٽرس ڪيائين. عملي زندگيءَ ۾ استادي پيشي سان وابسته رهيو، جتان 1993ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. 1967ع ڌاري علم ادب جي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ ڪيترائي علمي ۽ تحقيقي مضمون، مقالا ۽ شعر مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپائيندو رهيو. سندس مضمونن، مقالن ۽ ڪالمن جو تعداد 250 کان مٿي آهي. انهيءَ مان گهڻا شايع ٿيل آهن ۽ باقي ڪجهه اڻڇپيل آهن. اظهر سولنگي جو ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان واسطو آهي. هي سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (سواڪا) دادو جو باني ۽ صدر به رهيو. هن کي ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. ان کان سواءِ سگا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين تنظيمن سان لاڳاپيل آهي. اظهر سولنگيءَ دادوءَ جي ماضي ۽ حال جي سموري منظر نامي کي تفصيل سان تحقيق ڪري هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو، جنهن جو نالو ”دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال“ آهي. اهو ڪتاب سرجڻهار پبليڪيشن، دادوءَ پاران 2006ع ۾ ڇپايو ويو. محمد عرساظهر سولنگي“ هن وقت دادوءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ علم ادب جي خدمت ۾ مصروف آهي.


لفظ اظهر سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.01.13  عيسوي

اظهر سولنگي: نالي واري اديب اظهر سولنگيءَ جو اصل نالو محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي آهي . هن 13 جنوري 1942ع تي ڳوٺ ميوي خان ، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الطاف پيرزادو
البيروني ابو ريحان
حاجي غلام حسين ميمڻ
ڊيموڪِرِيٽَس يوناني فلاسافر
عظيم سنڌي
قاضي علي اڪبر درازي
ڊنشا دستور
جتوئي علي مراد
شاهه وسائو
سورٺ ٿيٻو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون