داخلا ؛ 1342
پڙهيو ويو ؛ 275
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-13


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--اطلاعات کاتو سنڌ

ٽائيٽل ؛ اطلاعات کاتو سنڌ


شاخ : ادارو

اطلاعات کاتو سنڌ: صوبائي حڪومت سنڌ جو کاتو، جنهن جو مک مقصد حڪومت جي معمول وارين سرگرمين جا بهتر ۽ بامقصد تفصيل اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تائين رسائڻ ۽ صحافين کي هر مسئلي بابت آگاهي ڏيڻ آهي. اطلاعات کاتي ۾ هيٺيان شعبا قائم ڪيل آهن.
1. پريس انفارميشن شعبو: هي شعبو خبرن جا تفصيل ۽ وضاحت ناما ۽ ٻيو مواد صحافين کي ڏيڻ کان علاوه پريس ڪانفرنسن جو انعقاد پڻ ڪندو آهي، جنهن ۾ واسطيدار وزير يا آفيسر صحافين کي هر مسئلي جي وضاحت پيش ڪندو آهي. هن شعبي معرفت ئي گورنر، وزير، سيڪريٽري يا ٻين آفيسرن جي کليل ڪچهرين جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. -ان- کان علاوه هي شعبو اهم سرڪاري سرگرمين جون -تصويرون- ۽ ويڊيو رڪارڊنگ وغيره پڻ فراهم ڪندو آهي.
2. پبليڪيشن شعبو: ماهوار بنياد تي هن شعبي طرفان -اردو- زبان ۾ ”اظهار“ ۽ سنڌي زبان ۾ ”پيغام“ نالي رسالو -جاري- ڪيو ويندو آهي. -ان- جو آغاز 1993ع ۾ ٿيو پر ڪجهه عرصو غير فعال رهڻ بعد ٻيهر مئي 1999ع کان اهي رسالا -جاري- ڪيا وڃن ٿا، -جن- ۾ سياسي، علمي ۽ ادبي معلومات جو مواد شامل هوندو آهي.
3. اشتهارن جو شعبو: هن شعبي معرفت اخبارن ۽ ٽي.وي وغيره کي سرڪاري کاتن جا اشتهار ۽ نوٽيس وغيره مهيا ڪيا ويندا.
4. فلم شعبو: هي شعبو نهايت سرگرم رهي ٿو، جنهن ذريعي گورنر، وڏي وزير ۽ ٻين وزيرن جي پروگرامن جي ريڪارڊنگ کان علاوه اهم مسئلن ۽ موضوعن تي ڊاڪيومينٽري وغيره تيار ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي پي. ٽي. وي ۽ سرڪاري ريڊئي -تان- نشر ڪيا ويندا آهن. -ان- کان سواءِ اطلاعات کاتي ۾ -تحقيق- ۽ تربيت جا شعبا پڻ قائم ڪيل آهن. هن وقت اطلاعات کاتي سنڌ جي وزارت محترمه شازيه مري کي ڏنل آهي.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اطلاعات کاتو سنڌ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اطلاعات کاتو سنڌ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن