داخلا نمبر 1298
عنوان اشرف سمون ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 763 ڀيرا
داخلا جو حوالو

اشرف سمون ڊاڪٽر

اشرف سمون، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر محمد اشرف سمون، 3 مارچ 1951ع ڌاري تعلقي ٺٽي جي ڳوٺ راڄو نظاماڻيءَ لڳ ”جِهرڪ“ ۾ ڄائو. سندس والد مولوي عبدالله سمون، سنڌ ۾ فقهه جو برک عالم ٿي گذريو آهي. تعليم جو گهڻو حصو پنهنجي والد کان، عربيءَ جي تعليم مختلف عالمن کان، قرآن پاڪ جو تفسير مولانا عبيدالله درخواستيءَ خانپور واري وٽ ۽ حديث پاڪ جو دور مظهرالعلوم کڏي واري مدرسي ۾ پورو ڪري، حديث جي سَندَ حاصل ڪيائين. هن 1970ع ۾ دارالعلوم امجديه ڪراچيءَ مان فاضل عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. 1979ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان نمايان حيثيت ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ 1982ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1991ع ڌاري علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ ”يارهين صديءَ جي سنڌي محدثن جون خدمتون“ جي عنوان سان مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ”مڪاتيب النبي“ جي موضوع تي ”سونا ورق“ سندس مشهور تصنيف آهي. محمد هاشم ٺٽويءَ جي عربي تصنيف ”وصية الهاشمية“ جو ”شاندار تحفه“ نالي سان اُردوءَ مان ترجمو ڪيائين، جيڪو ”الراشد اڪيڊميءَ“ ڪراچيءَ پاران ڇپيو. پاڻ ايران، سنگاپور، دبئيءَ ۽ ٻين ڪيترن مُلڪن جي ڪانفرنسن ۾، مُلڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. تفهيم دين، فهم القرآن ۽ سيرت النبيءَ کان سواءِ، پاڪستان ٽيليويزن تان سندس مختلف علمي ۽ ادبي پروگرام نشر ٿي چُڪا آهن. تازو ڪراچي يونيورسٽيءَ پنهنجي نصابي ڪميٽيءَ ۾ کيس ميمبر منتخب ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن وقت گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ جي اسلاميات واري شعبي جو صدر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.03.03  عيسوي

: ڊاڪٽر محمد اشرف سمون، 3 مارچ 1951ع ڌاري تعلقي ٺٽي جي ڳوٺ راڄو نظاماڻيءَ لڳ ”جِهرڪ“ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون