اشتياق انصاري

اشتياق انصاري

اشتياق انصاري

اشتياق انصاري: اشتياق انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ۽ مستقل رهائش ”لاهوري محلي“ لاڙڪاڻي ۾ اٿس. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن سان گڏ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. ان دوران فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ٽرافي کيڏيو ۽ قومي ڪئمپ لاءِ چونڊيو ويو. ان کانسواءِ پاڪستان ائٿليٽڪ ڪئمپ جوائن ڪيائين. انجنيئر اشتياق بعد ۾ ڪئمبرج ۽ بريڊ فورڊ يونيورسٽي انگلينڊ مان انجنيئرنگ جا ڪورس ڪيا. روشن خيالي سبب شاگرد سياست ۾ حصو وٺندي يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين اليڪشن وڙهيو. ڪيترا دفعا جيل ياترا ڪئي. سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مهم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياهه ڪابل کان مهم شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مهمن دوران ديبل بندر جي ڳولا به ڪئي. ان کان سواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. قديم آثارن سان دلچسپي ڪري هن اٽلي جي روم، ويٽيڪان، فلورنس، پمپائي، پوستم جي کنڊرن جي معائني کانسواءِ انگلنڊ، ترڪي، ايران، سريلنڪا، انڊونيشيا، يوگوسلوويا، بلغاريه، هنگري، پولينڊ، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جي ميوزم ۽ قديم آثارن جا مطالعاتي دورا ڪيا ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪانفرنسن ۾ مقالا پڙهيا. هن سفرناما ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (تحقيق)، ”خيما کاهوڙين“ (سفرنامو)، اينٿراپالاجيڪل ناول ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“ (سفرنامو)، ”انصاري فن ۽ شخصيت'>انيس انصاري فن ۽ شخصيت“،”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)، ”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون)، ”گورک“ (تحقيق)، ”گورک“ (انگريزي)، ”قيد ڪھاڻي“ (جيل ڊائري) ۽ ”دُکم“ (ڪھاڻيون) شامل آهن. انجنيئر اشتياق واپڊا مان اهم عھدي تان رٽائر ٿيڻ بعد هن وقت انڊرومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۾ قديم آثارن جي بحاليءَ جي ماهر طور ڪم ڪري رهيو آهي. حسين آباد حيدرآباد ۾ پنھنجي جيون ساٿي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار شبنم گل سان رهائش پذير آهي.


لفظ اشتياق انصاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو