اشاعت

اشاعت (Publishing): ڪنهن مواد، ڪتاب، رسالي ۽ اخبار وغيره کي شايع ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ ”اشاعت“ مان مراد ”ڪنهن تصنيف کي موزون صورت ۾ تيار ڪري، مؤثر طريقي سان ڇپائي گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين، واپارين جي ذريعي يا سڌوسنئون پهچائڻ واري نظم نظام کي اشاعت چئبو آهي. مسودن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ۽ وڪڻڻ جو فن، قديم يوناني کان شروع ٿيو. سلطنت روم ۾ ته هي ڪم باقاعدي ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چُڪو هو. وچئين دور ۾ مسودن کي تحرير ڪرڻ جو ڪم جيئن ته فقط راهبن تائين ئي محدود هو، تنهنڪري نشر ۽ اشاعت جو اُهو سلسلو ٿورو ماٺو ٿي ويو. البت ٻيهر يورپ جي سجاڳيءَ واري دؤر ۾ اهو ڪجهه اڳتي وڌيو، پر وسيع پيماني تي تصنيفن جو نقل تيار ڪرڻ، ان وقت ممڪن نه ٿي سگهيو. پندرهين صديءَ جي وچ واري دور ۾ جڏهن يورپ، ٽائيپ جي اکرن کان واقف ٿيو، تڏهن ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزيءَ آئي. ان جي ترقيءَ ۾ گرجا جي مذهبي مناظري بازي به مددگار ثابت ٿي، جنهنڪري سلسلي وار ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا، ۽ جلد ئي اشاعت ۽ ڇپائيءَ جا الڳ الڳ ڪم شروع ڪيا ويا. عام خيال آهي ته پهريون اشاعت گهر ”الزوير گهراڻي“ جو هو، جنهن 1583ع ۾ اشاعت جو ڪم شروع ڪيو، پر ان هوندي به طابع، ناشر ۽ ڪتاب وڪڻندڙ ۾ صحيح فرق اوڻويهين صديءَ کان پهرين واضح ٿي نه سگهيو، ۽ هينئر به اڪثر حالتن ۾ انهن جي ڪم ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. سنڌ ۾ اشاعت جو سلسلو برٽش دور کان شروع ٿئي ٿو. سنڌ ۾ پهرين پريس ”ڪراچي ايڊورٽائيزر پريس“ جي نالي سان 1844ع ۾ لڳائي وئي، جيڪا سرڪاري هئي. هن ڇاپخاني مان ’ڪراچي ايڊورٽائيزر“ نالي پهرين اخبار نڪتي. پر خانگي طور پهريون ڇاپخانو مرزا مخلص علي علويءَ قائم ڪيو. بقول سيد پير حسام الدين راشديءَ ته، ”سنڌ ۾ پهريون ڇاپخانو ڪٿي ۽ ڪڏهن قائم ٿيو، ان جو صحيح پتو ڪونه آهي. ليڪن ”چٽ جي پار“ نالي ڪتاب 1853ع ۾، ڪراچي جي ليٿوپريس مان شايع ٿيو، گويا انگريزن جي اچڻ بعد ڏهن سالن اندر سنڌ ۾ پريس قائم ٿي ويئي.“ سنڌ ۾ سڀ کان پهرين اخبار ”مفرح القلوب“ فارسي زبان ۾ 1855ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿي.


لفظ اشاعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو