داخلا ؛ 3909
پڙهيو ويو ؛ 1694
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-27


تصويرون


spain.jpg
اسپين
اسپين

spain2.jpg
اسپين جو نقشو -سيٽلائيٽ تان
اسپين جو نقشو -سيٽلائيٽ تان

spainflag.jpg
اسپين جو جهنڊو
اسپين جو جهنڊو



ٽائيم لائين

1476.00.00-A.D
رومين ٻيءَ يونيڪ ويڙهه ( 218 کان 201 ق . م ) ۾ هيني بال کي شڪست ڏئي ، اسپين تي قبضو ڪري مضبوط حڪومت قائم ڪئي . جرمانڪ جي هڪ قبيلي 1476ع ۾ رومي حڪمرانيءَ جو خاتمو آندو .

1808.00.00-A.D
1808ع ۾ اسپين تي نپولين قبضو ڪيو

1898.04.25-A.D
25 اپريل س1898ع تي آمريڪا اسپين تي حملو ڪيو ته ، جيئن ڪيوبا کي آزادي ڏيارجي ، جنهن ۾ اسپين کي شڪست ٿي ۽ ڪيوبا آزاد ٿي ويو . پهرين عالمي ويڙهه ۽ اسپين اڻڌريو رهيو

1953.00.00-A.D
1953ع ۾ جنرل فرانڪو آمريڪا کي اسپين ۾ فوجي اڏا قائم ڪرڻ اجازت ڏني .

1976.02.26-A.D
26 فيبروري 1976ع تي اسپين ، اسپيني صحرا تي پنهنجو اقتدار ختم ڪيو .




sindhianaسنڌيانا--اسپين

ٽائيٽل ؛ اسپين


شاخ : ملڪ

اسپين (Spain ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو رينوڊي اسپانا (Kingdom of Spain) آهي، جنهن جو پراڻو نالو اندلس ۽ هسپانيه هو. قديم Hispania مان جديد -اسپين- ڪڍيو ويو آهي. -اسپين- جي معنيٰ آهي: ”سيهڙن/ سَهن جي ڌرتي“. هي ڏکڻ اولهه يورپ جو خوبصورت ملڪ آهي. هن جي -اتر- ۾ بسڪي نار (Gulf Biscay)، فرانس ۽ اينڊورا، -اوڀر- ۾ رومي سمنڊ، ڏکڻ ۾ رومي سمنڊ ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اولهه ۾ پرتگال ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ آهن. اسپين، ٻيٽ نما آئبيريا جي هڪ وڏي حصي تي مشتمل آهي. -جبل الطارق- سامونڊي گذرگاهه هن کي مراڪش يعني آفريقا کان ڌار ڪري ٿي. -اسپين- جي ڪل پکيڙ 504750 چورس ڪلوميٽر (194833 چورس ميل) ۽ آبادي 4 ڪروڙ آهي. گاديءَ جو هنڌ ميڊرڊ (Madrid) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ پيڪو ڊي ملهسن (بلندي 3482 ميٽر) آهي، هتان جي سرڪاري -ٻولي- اسپيني آهي، جڏهن ته ڪيٽالن، گليشين، باسڪ ۽ اندلس پڻ ڳالهائجن ٿيون. -اسپين- جا وچيان علائقا گرمين ۾ گرم خشڪ ۽ سردين ۾ سرد خشڪ هوندا آهن. -اتر- الهندن علائقن ۾ مينهن پوندو آهي. -اسپين- جي مکيه زرعي پيداوار ڪڻڪ، زيتون، پٽاٽا، انگور، کٽو ميوو، ليمون، ڀاڄيون، مڪئي، ڪمند، ناسپاتي آهي، مکيه صنعتن ۾ مشينري، لوهه، ٽيڪسٽائيل، جوتا ٺاهڻ، گاڏيون، جهاز ٺاهڻ، سيمينٽ، ڪاغذ، شراب ماهيگيري ۽ سياحت آهي ۽ مکيه معدنيات ۾ لوهه، ڪوئلو، زنڪ، پيٽروليم، ٽامو، چاندي، لگنائيٽ ۽ يورينيم آهي.
اسپين جي هاڻوڪي علائقي ۾ هڪ لک سال اڳ به ماڻهو -آباد- هئا ۽ هيءُ علائقو سڀيتائن جو ماڳ ليکبو هو. 5000 سال اڳ آئبيرين (Iberian) ماڻهن -اسپين- جي گھڻي حصي کي فتح ڪري ورتو. اهي ڪڙمي ۽ شڪاري ماڻهو هئا. -ان- کانپوءِ فونيشيا، ڪيلٽڪ ۽ يوناني ڪارٿيجن -اسپين- تي قبضو ڪيو. عظيم ڪارٿيجن جنرل هني -بال- -اسپين- کان رومين تي حملو ڪيو. رومين ٻيءَ يونيڪ ويڙهه (218 کان 201 ق. م) ۾ هيني -بال- کي شڪست ڏئي، -اسپين- تي قبضو ڪري مضبوط حڪومت قائم ڪئي. جرمانڪ جي هڪ قبيلي 1476ع ۾ رومي حڪمرانيءَ جو خاتمو آندو. 1808ع ۾ -اسپين- تي نپولين قبضو ڪيو. 25 -اپريل- س1898ع تي -آمريڪا- -اسپين- تي حملو ڪيو ته، جيئن ڪيوبا کي -آزادي- ڏيارجي، جنهن ۾ -اسپين- کي شڪست ٿي ۽ ڪيوبا آزاد ٿي ويو. پهرين عالمي ويڙهه ۽ -اسپين- اڻڌريو رهيو. 1953ع ۾ جنرل فرانڪو -آمريڪا- کي -اسپين- ۾ فوجي اڏا قائم ڪرڻ اجازت ڏني. 26 فيبروري 1976ع تي اسپين، اسپيني صحرا تي پنهنجو اقتدار ختم ڪيو. -جنوري- 1980ع ۾ صوبي باسڪ (Basque) کي اندروني خودمختياري ڏني وئي، -جتي- عرصي کان علحدگيءَ جي تحريڪ هلي پئي. -اسپين- هڪ آئيني بادشاهت آهي، -جتي- پارلياماني طرز جي حڪومت به قائم آهي، -بادشاهه- رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر -ان- چيف آهي.


wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Spain




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -اسپين- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اسپين - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ملڪ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باگڙ ديس
بحرين
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
بيلجيم
بنگال
بنگلاديش
آرمينيا
آسٽريا
آسٽريليا
انڊونيشيا
آمريڪا
آئرلينڊ
اسپين
اتر ڪوريا
اٽلي
بازنطيني سلطنت
برازيل
برونئي
بوٽسوانا
ڀارت
تنزانيا
ترڪمانستان
ترڪي
ڀوٽان
تاجڪستان
تائيوان
ٽوگو
تيونس
تبت
ٿائي لينڊ
ٿٻيٽ
فارس
پاڪستان
جپان
جرمني
پاناما


.....ملڪ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن