داخلا نمبر 4315
عنوان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
شاخ حڪومتي ادارا
پڙهيو ويو 522 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان - لوگو

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان - لوگو

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان – عمارت

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان – عمارت

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان: جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ٿوري وقت لاءِ ان وقت جي سرڪاري ڏيتي ليتي رِزرو بئنڪ آف پاڪستان (Reserve Bank of Pakistan) ذريعي ٿيندي هئي، پر جيئن ته رِزرو بئنڪ هندستان جي ضابطي هيٺ هئي، ان ڪري پاڪستان لاءِ ضروري هو ته اقتصادي سرشتي کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجي سرڪاري بئنڪ قائم ڪجي، ان مقصد کي سامهون رکي 1948ع ۾ هڪڙو قانون پاس ڪري بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو بنياد وڌو ويو. بئنڪ کولڻ لاءِ ٽن ڪروڙ رپين جي موڙي منظور ڪئي وئي، جنهن کي ٽن لکن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ هر حصي (Share) جي قيمت هڪ سئو روپيا هئي. انهن ٽن لکن حصن مان 51 سيڪڙو حصا (Share) حڪومت پاڻ خريد ڪيا ۽ باقي 49 سيڪڙو حصا عوام کي خريد ڪرڻ لاءِ آڇيا. بئنڪ جي انتظام هلائڻ لاءِ هڪ مرڪزي ۽ ٽي علائقائي بورڊ يا انتظامي جماعتون قائم ڪيون ويون. علائقائي بورڊ ڪراچي، لاهور ۽ ڍاڪا ۾ مقرر ڪيا ويا. اهي بورڊ يا انتظامي جماعتون ئي اسٽيٽ بئنڪ جو ڪاروبار هلائينديون هيون. مرڪزي بورڊ ۾ هڪ گورنر، ڊپٽي گورنر ۽ ڪجهه ڊائريڪٽر مقرر ڪيا ويندا هئا، جن مان ڇهه ڊائريڪٽر حڪومت رکندي هئي مرڪزي. بورڊ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه دفعا گڏ ٿيندو هو، بورڊ طرفان وري هڪڙي انتظامي ڪاميٽي مقرر ٿيل هوندي هئي، جنهن ۾ گورنر، ڊپٽي گورنر ۽ ٽي چونڊيل ڊائريڪٽر هوندا هئا. جڏهن مرڪزي بورڊ ڪن سببن ڪري گڏ نه ٿي سگهندو هو ته ان جا سمورا ڪاروباري اختيار، اها انتظامي ڪاميٽي هلائيندي هئي. اسٽيٽ بئنڪ قائم ٿيڻ مهل کيس ڪا بهتر عمارت مليل نه هئي، اُن ڪري هڪ پراڻي عمارت ۾ بئنڪ کولي وئي پر جلد ئي ڪراچيءَ ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڏهه ماڙ عمارت ٺاهي وئي. ان کانسواءِ مختلف شهرن ۾ پڻ اسٽيٽ بئنڪ جون زبردست عمارتون ٺهيل آهن. اسٽيٽ بئنڪ جا ڪيترائي فرض ۽ اختياريون آهن، جن ۾: (1) پاڪستان سرڪار طرفان نوٽ جاري ڪرڻ جا اختيار صرف اسٽيٽ بئنڪ کي مليل آهن. (2) سرڪاري ڏيتيون ليتيون اسٽيٽ بئنڪ جي ذمي آهن. ان ڪري هن کي سرڪاري بئنڪ به سڏيو وڃي ٿو. سرڪار جا سمورا خرچ ۽ آمدني اسٽيٽ بئنڪ ذريعي عمل ۾ اچن ٿا. (3) اسٽيٽ بئنڪ، مُلڪ جي ٻين سمورين بئنڪن جي بئنڪ طور پڻ ڪم ڪري ٿي، ٻين بئنڪن کي ترقي ڏيارڻ ۽ انهن تي ضابطو رکڻ به اسٽيٽ بئنڪ جي اختيار ۾ آهي.

(4) ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جو ذخيرو اسٽيٽ بئنڪ وٽ رهي ٿو ۽ پرڏيهي ناڻي جي مَٽا سٽا تي ضابطو به اسٽيٽ بئنڪ رکي ٿي. پاڪستاني ناڻي جو پرڏيهي اگهه قائم رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ پرڏيهي مٽا سٽا ۽ ضابطي (Forgein Exchange Control) جي رٿابندي پڻ ڪندي آهي. (5) سڀ کان اهم ڪم اسٽيٽ بئنڪ جو اِهو آهي ته اها ملڪ جي اقتصادي اوسر لاءِ ڪاروايون ڪندي رهي ٿي. ناڻي واري ڦيري ۽ ڏيتي ليتيءَ تي ضابطو نه هوندو ته اقتصادي حالتون بگڙي وينديون. ساڳيءَ طرح ملڪ جي ڪارپت جي سرشتي (Credit System) تي ضابطو نه هوندو ته ملڪ جون حالتون خراب ٿي وينديون، ان ڪري ملڪ جي اقتصادي صورتحال جي جائزي وٺڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ضروري آهي. بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، مُلڪ جي ڄڻ ساهه واري رڳ آهي، جا مُلڪ جي اقتصادي نسن ۽ نبضن ۾ وقت به وقت صحيح اوسر لاءِ رت پهچائيندي رهي ٿي. بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي قائد اعظم محمد علي جناح چيو هو ته ”بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان آرڊر 1948ع مطابق نوٽ ڇاپيندي ۽ پيسي جي ڏيتي ليتي کي مستحڪم بڻائي، مُلڪ کي خود ڪفيل بڻائيندي“. اسٽيٽ بئنڪ پنهنجي طرفان ڪيتريون بئنڪون پڻ کوليون آهن، جن ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۽ ٻيون شامل آهن. هن وقت تائين بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جا هي گورنر رهيا آهن: (1) زاهد حسين 1948ع کان 1953ع (2) عبدالقادر 1953ع کان 1960ع (3) شجاعت علي حسيني 1960ع کان 1971ع (4) ماهُب بر راشد 1967ع کان 1971ع (5) شاڪرالله دراني جنوري 1971ع کان ڊسمبر 1971ع (6) غلام اسحاق خان 1971ع کان 1975ع (8) جي. اين قاضي 1978ع کان 1986ع (9) وي. اي جعفري 1986ع کان 1988ع (10) آءِ. اي حنفي 1988ع کان 1989ع (11) ڪشمر پاريک 1989ع کان 1990ع (12) آءِ. اي حنفي ( ٻيهر) 1990ع کان 1993ع (13) محمد يعقوب 1993ع کان 1999ع (14) عشرت حسين 1999ع کان 2005ع (15) شمشاد اختر ڏيٿو (عورت) 2006ع کان 2009ع (16) سيد سليم رضا 2009ع کان 2010ع (17) ياسين انور (چارج) 2010ع کان سيپٽمبر 2010ع (18) شاهد ڪاردار 2010ع کان 2011ع. هن وقت ياسين انور اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو