اسير ملاح

اسير ملاح

اسير ملاح

اسير ملاح: : مشهور شاعر ’اسير‘ ملاح جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد ڇتو خان ميربحر هو. هن 6 مئي 1957ع تي ڳوٺ ڪاري کهي، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان ڪيائين. 1987ع ۾ ايم. اي (سنڌي) ڪيائين. گورنمينٽ مڊل اسڪول الهه بچايو شوري ۾ JST طور پڙهايائين. هو سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ جو بنيادي ميمبر ۽ مرڪزي آڊيٽر به رهيو. هن 1969ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. نثر ۾ مضمون ۽ ڪهاڻي سندس پسند جا موضوع رهيا. هن جا 200 کان مٿي گيت، غزل ۽ نظم وغيره، سنڌي زبان جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. شاعريءَ جا ٽي ڪهاڻين ۽ مضمونن جو هڪ ڪتاب ترتيب ڏنائين. ريڊئي ۽ ٽي ويءَ تان سندس ويهه کن گيت ۽ غزل ڳايا ويا آهن. اسير ملاح سنڌوءَ جي درياهي ٻوليءَ تي مهارت رکندو هو. ٻيڙين، مڇين ۽ درياهي شڪار بابت گهڻي ڄاڻ هئس. ڪيترن ئي سالن کان هو جگر جي موذي مرض ۾ مبتلا هو ۽ بيماريءَ سان وڙهندي نيٺ 12 آگسٽ 2009ع جي رات، حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪيائين. هن جي غزلن جو هڪ ڪتاب تاج جويي ترتيب ڏنو آهي.


لفظ اسير ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.05.06  عيسوي

اسير ملاح 6 مئي 1957ع تي ڳوٺ ڪاري کهي، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام مراد علي جوکيو
سجاد ميراڻي
حميره نور
حسن درس
عراقي فخرالدين شيخ
اقبال شينو
آسو رام
امداد علي سھتو
امام بخش خادم
شمشير الحيدري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون