داخلا نمبر 1083
عنوان اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 667 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اسراڻ غلام محمد خانبهادر

اسراڻ غلام محمد خانبهادر

اسراڻ غلام محمد، خانبهادر

اسراڻ، غلام محمد، خانبهادر: خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ ولد عبدالله خان اسراڻ 1880ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم عربي ۽ فارسيءَ ۾ حاصل ڪيائين. ڪجهه درجا سنڌي پڻ پڙهيو. پاڻ عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هو. سندس سنڌي خط و ڪتابت پڻ فارسي انداز ۾ هوندي هئي.
جواني جي عمر ۾ قدم رکڻ بعد سنڌ جي قديم روايتي سردارن، وڏيرن وانگر پنهنجو وقت ميلن، ملاکڙن، رڇ ڪتن جي مقابلي ۾ گذارڻ بدران دين ۽ سماجي ڀلائيءَ طرف لاڙو رکيائين. لچ لوفر ۽ چورن جو ته سخت مخالف هو. سندس جنم ته اميراڻي گهراڻي ۾ ٿيو پر هو صاحب غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد، طبيعت جو درويش صفت انسان، سلڇڻو، سٻاجهڙو نيڪ مرد پنهنجي دور جي وڏي ڌاڪي وارو مڙس هو. حق، سچ ۽ انصاف پسند هن فرشته صفت انسان جي هاڪ سڄي سنڌ ۾ هوندي هئي. اهو ئي سبب هو جو ٻين ضلعن مان ماڻهو فيصلو ڪرائڻ لاءِ وٽس هلي ايندا هئا. هو صاحب راڄن جي آيل مهمانن کي ماني به کارائيندو هو ته رهائيندو به هو، پر هميشه فيصلا انصاف ڀريا ڪندو هو. فيصلن جي ڪري وٽس هر وقت لاڙڪاڻي شهر واري بنگلي تي ماڻهن جا هجوم هوندا هئا. پاڻ گهڻو ڪري ڳوٺ خيرپور جوسي واري ڪوٽ ۾ رهندو هو، جتي به فيصلن لاءِ ماڻهن جا هجوم هوندا هئا. هن جي نيڪ عمل ۽ ڪردار سبب اها چوڻي مشهور هئي ته جيڪڏهن عزت سان رهڻو هجي ته خانبهادر اسراڻ جي پاڙي ۾ رهجي.
لاڙڪاڻي شهر ۾ خانبهادر غلام محمد اسراڻ جو بنگلو ڀٽن جي سردار واحد بخش خان ڀٽي سان گڏ هوندو هو. ٻنهي جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي هوندي هئي. هو سال 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو پهريون عوامي چونڊيل چيئرمئن منتخب ٿيو. خانبهادر اسراڻ ضلعي ڪائونسل پاران تعليمي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ اسڪول بورڊ جو پهريون صدر چونڊيو. 1920ع کان 1933ع تائين ضلعي ڪائونسل جو ميمبر رهيو، تڏهوڪي لاڙڪاڻي جي سياسي ماحول ۾ ٻه وڏا سياسي گروپ هوندا هئا. سياست انهن ٻنهي گروپن ۾ ورهايل هئي، هڪ طرف سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ سندس خاص ساٿي خانصاحب امير علي لاهوري، خانبهادر اسراڻ ۽ ٻيا، ته ٻئي طرف خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ خاص ساٿي خانبهادر علي حسن خان هڪڙو، وڏيرو غلام عمر انڙ ۽ ٻيا هئا. نومبر 1920ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي مان خانبهادر اسراڻ، سر شاهنواز ڀٽو ۽ خانبهادر ڌڻي بخش بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر چونڊيا. تڏهن هر ٽن سالن بعد اليڪشن ٿيندي هئي ۽ وري 18 نومبر 1923ع تي اليڪشن ٿيڻي هئي. لاڙڪاڻي جي ٽن سيٽن تي سر شاهنواز ڀٽو، نواب امير علي لاهوري، خانبهادر اسراڻ، خانبهادر ڌڻي بخش جتوئي، پير حامد علي شاهه، خانصاحب ڪريم بخش جتوئي ۽ محمد ايوب کهڙو اميدوار بيٺا. هن موقعي تي سر شاهنواز ڀُٽي ضلعي جي سردارن ۽ وڏيرن جو سنڌ مدرسي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي گرلس ڪاليج) ۾ اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس ۾ نواب لاهوري ۽ نواب غيبي خان اڳوڻن ميمبرن کي وري چونڊجڻ لاءِ تجويز ڪيو. ڪن وڏيرن کهڙي صاحب کي تجويز ڪيو، پر اڪثريت سندس نالو قبول نه ڪيو. مسٽر محمد ايوب کهڙو نوجوان تعليم يافته ۽ تازو سياسي ميدان ۾ آيو هو. هو صاحب اليڪشن ۾ بيٺو، سر شاهنواز ڀُٽي لاڙڪاڻي جي وڏيرن جي اتحاد خاطر خانبهادر اسراڻ کي اليڪشن تان هٿ کڻايو. وري قانوني لحاظ کان خانبهادر اسراڻ کهڙي صاحب خلاف هڪ پٽيشن به داخل ڪئي ته سندس عمر اڃا 23 سال آهي، پر هن موقعي تي سر شاهنواز ڀُٽي ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ نواب غيبي خان چانڊيي وٽس بنگلي تي اچي پٽيشن واپس وٺڻ لاءِ گذارش ڪئي ته هن شريف انسان اها به واپس ورتي. اهڙيءَ طرح سال 1930ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جون چونڊون ٿيون، ان وقت ڪائونسل آف اسٽيٽ جي چونڊ به ٿيڻ واري هئي. سردار واحد بخش خان ڀٽو ان اليڪشن ۾ علي بخش محمد حسين جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو، پر صلح ٿيڻ تي خانبهادر اسراڻ بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ تان هٿ کڻي اها جڳهه سردار واحد بخش ڀٽي کي ڏني. جڏهن ته 1930ع ۾ خانبهادر اسراڻ دادو مان اليڪشن کٽي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر بڻيو.
خانبهادر اسراڻ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ بابت انگريزن جي جوڙيل ايڊوائيزري ڪائونسل جو 1930، کان 1937ع تائين ميمبر رهيو. انگريز سرڪار جي اعلان مطابق پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ صوبو ٿيڻو هو ۽ 31 جنوري 1937ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين اليڪشن ٿيڻي هئي. خانبهادر اسراڻ قمبر، ميهڙ واري تڪ تان فتح حاصل ڪري دادو ضلعي مان ميمبر سنڌ اسيمبلي چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. سياسي لحاظ کان خانبهادر هر اليڪشن ۾ سوڀ ماڻي. لڳاتار ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل کان علاوه پهرين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب هئڻ مان سندس شخصيت جي مقبوليت جو اندازو ٿئي ٿو. سياسي لحاظ کان پهرين سر شاهنواز خان ڀٽي سان ويجهو رهيو، پر پوءِ خانبهادر محمد ايوب کهڙي سان لاڳاپا رهيس.
سنڌ جي هن اهم مدبر سياستدان ۽ نيڪ مرد، 5 مئي 1952ع تي اٽڪل 72 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس اولاد ۾ ٻه پٽ غلام مصطفيٰ خان ۽ روشن علي خان اسراڻ مختلف وقتن تي ضلعي لوڪل ڪائونسل ۾ مختلف عهدن تي منتخب ٿيندا رهيا. سندس پوٽو غلام مجتبيٰ خان 1979ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين ۽ 1988-1993- 1997ع ۽ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قمبر مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو.
سندس پوٽو ضياءُ الدين خان 1978ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ جي پليٽ فارم تان ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين چونڊيو ويو. ٽيون پوٽو سرفراز الدين سال 1990ع ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو وائيس چيئرمين چونڊيو ويو. چوٿون پوٽو غلام مجدد اسراڻ سيڪريٽري ٽو سنڌ گورنمينٽ، چيئرمين اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاقي گورنمينٽ جي اهم عهدن تي فائز رهيو. غلام مجدد اسراڻ هن وقت ٻيو ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.00.00  عيسوي

خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ 1880ع ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون