استاد وريلداس

استاد وريلداس: استاد وريلداس ولد گرنومل تلريجا 10 نومبر 1943ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ايم. اي اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. هو هڪ سٺو ڪلاسيڪل راڳي هو. هن ڪلاسيڪل راڳ جي تعليم استاد الله بخش شيخ ۽ استاد هادي بخش ميمڻ کان حاصل ڪئي هئي ۽ استاد هدايت الله قمر کان پڻ ڪلاسڪ جا ڏهه تان سکيو هو. استاد وريلداس ڪيترن ئي شاگردن کي ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ڏني، جن ۾ ڪي ڪي ڀٽي، شمن ميرالي، بابر مغل گرمکداس ۽ سلمان وغيره شامل آهن. هن هڪ ادارو ’وريل سنگيت ڪلا‘ قائم ڪيو هو، جنهن ۾ ڪـلاســــڪ راڳ جي سکيا ڏيندو هو. استاد وريلداس پنهنجي فن جي مڃتا طور ڪجهه اوارڊ پڻ حاصل ڪيا هئا. سنڌ جو هيءُ نرالو فنڪار 29 جولاءِ 2005ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس آخري رسمون شڪارپور ۾ ادا ڪيون ويون.


لفظ استاد وريلداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.11.10  عيسوي

استاد وريلداس تلريجا 10 نومبر 1943ع تي شڪارپور ۾ ڄائو


2005.07.29  عيسوي

استاد وريلداس 29 جولاءِ 2005ع تي ديهانت ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رمضان سٻاهيو ڊاڪٽر
پير بهاءُ الدين بها سرهندي
درس للو
آصف پھوڙ گامون
امين محمد اول هالائي مخدوم
ٿرڙي سنجر ڀٽي
اجمل بيگ مرزا
حاجي محمد عظيم اعواڻ
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
ڀوڄراج چانڊو مل موٽواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون