داخلا نمبر 968
عنوان استاد نظاماڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 766 ڀيرا
داخلا جو حوالو

استاد نظاماڻي

استاد نظاماڻي: استاد نظاماڻيءَ جو اصل نالو محمد ابراهيم نظاماڻي آهي. هي 15 مارچ 1969ع ۾ سانگهڙ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي سنڌي (1993)، بي. ايڊ (2001ع) اٿس. هي سانگهڙ مان نڪرندڙ سلسليوار رسالي ’جهونگار‘ جو ايڊيٽر رهيو آهي. جنهن جا 9 پرچا ڪڍي چڪو آهي. هي نثر نويس، محقق ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”حُر تحريڪ“ (2005ع)، ”جاڳ“ رمضان راهي، اي آر آزاد ۽ امر لغاري سان گڏ استاد نظاماڻيءَ جي ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو، (1993ع) ۽ ”جي گهارياسين بند ۾“ (2006ع) حُر تحريڪ جي ٽن ڪردارن الهورايي بهڻ، حاجي ولي محمد نظاماڻي ۽ حاجي گل محمد نظاماڻيءَ جي يادن تي مشتمل شامل آهن. سندس ڪراچيءَ کان ڪالام تائين سفر نامو اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي، هو شهيد صبغت الله شاهه چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. هن وقت هاءِ اسڪول ٽيچر (H.S.T) آهي، ۽ سانگهڙ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.03.15  عيسوي

استاد نظاماڻي 15 مارچ 1969ع تي سانگهڙ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون