استاد لغاري

استاد لغاري

استاد لغاري

استاد لغاري: استاد لغاريءَ جو اصل نالو لقمان ولد محمد عالم لغاري آهي. 21 نومبر 1956ع تي ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. 1968ع ۾ پرائمري ۽ ديني تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ۽ انٽر کپري (سانگهڙ) مان ۽ ايم. اي 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان مڪمل ڪئي. 1983ع ۾ مسجد اسڪول ڳوٺ عارب شر ۾ پرائمري استاد، 1991ع ۾ JST ۽ 2001ع ۾HST ٿيو. انهيءَ دوران، پي. ٽي. سي، سي. ٽي ۽ بي. ايڊ جا ٽريننگ ڪورس علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان پاس ڪيا ۽ ايم ايڊ جو ڪورس سال 2000ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان مڪمل ڪيو. لکڻ جي باقاعده شروعات 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي. 1981ع ۾ کپري شھر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪري پھريون سيڪريٽري مقرر ٿيو. ساڳئي سالپڪار پبليڪيشن“ کپري جو بنياد وڌائين، ان پليٽ فارم تان ڪتابي سلسلو جاري ڪيو، جنھن جو پھريون ڪتاب ”آيو آيو سوجهرو“ جون 1982ع ۾ شايع ٿيو. 1988ع ۾ ماهوار ’سچي دنيا‘ جي نالي سان 5 ادبي پرچي شايع ڪرايا. اهڙيءَ طرح 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اخباري سائيز جو هڪ ادبي پرچو ’ڪاروانِ بھار‘ ۽ ٽي ٻيا ادبي پرچا ”ڀاڳ“ جي نالي سان کپري مان شايع ڪيا. 1983ع ۾ ماٽا (مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن) جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پھريون مرڪزي صدر منتخب ٿيو. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ هن وقت ٻين ڪتابن کان علاوه شاهه جي رسالن جو قيمتي ذخيرو موجود آهي. خاص طور تي قلمي، ليٿو، عڪسي، فوٽو اسٽيٽ، پرنٽنگ پريس ۽ ڪمپيوٽر لکائي تي مشتمل، سنڌي، سرائڪي، انگريزي، عربي، اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ شاهه جا رسالا موجود آهن. سندس نمايان ادبي ڪم شاهه جي رسالي جو منظوم سرائڪي ترجمو ڪرڻ آهي، جيڪو ”شاهه دا رسالا“ جي عنوان سان 2010ع ۾ شايع ٿيو. استاد لغاريءَ شاهه جي رسالي جو رنگين قلمي نسخو 2011ع ۾ لکي پورو ڪيو. اهڙيءَ طرح ”شاهه جو رسالو“ (شاهه جو ڪلام ۽ رسالي جو ڪم) هڪ ئي جلد ۾ ڌار ڌار ڏنل آهي، جيڪو 2013ع ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ ”موکي متارا“ (تحقيق: 2013ع)، ”شاهه جو رسالو“ (حمائل سائيز: 015ع)، ”شاهه جو رسالو“ (سٽ وار سمجهاڻي سان، جلد ٻيو: 2016ع)، ”لطيفي اسرار“ (مقالا ۽ مضمون: 2016ع)، ”ڪليات ٻاجهي“ (ٻاجهي فقير لغاريءَ جو ڪلام: 2017ع)، ”شاهه جو رسالو“ (ڍاٽڪي ترجمو: 2018ع)، ”سون ورنيون سٽون“ (شاھه جو رسالو نثر ۾: 2018ع)، ”شاهه لطيف جا ڇٽيھه سُر“ (2018ع)، ”جي ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪڪوريا“ (شخصيتون: 2019ع)، ”مون جيئن ڏٺا ماڳ“ (ماڳ مڪان: 2020ع)، ”شيخ اياز چشمِ فطرت جو شاعر“ (2020ع)، ”شاهه جو رسالو“ (الفب وار: 2020ع)، ”پيار جي پُٺارڪ“ (شاعري: 2021ع) وغيره پڻ شايع ٿيل آهن.استاد لغاريءَ کي علمي ادبي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چُڪا آهن، جن ۾: ثقافت کاتي پاران 20 ڊسمبر 2013ع تي ”لطيف اوارڊ“، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد پاران سال 2017ع ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي اور تصوف“ اوارڊ ۽ 50 هزار روپيا ڪيش، ”انجمن ترقي پسند مصنفين“، ”ينگ رائيٽرس فورم“ ۽ ٻين ادارن پاران اوارڊ ملي چڪا آهن. 21 نومبر 2016ع تي نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ علمي ادبي ڪمن ۾ مشغول آهي.استاد لغاري ادبي لائبريري (ڪتب خانو): 21 مارچ 1983ع تي ڳوٺ ’پنيري‘ تعلقي کپري ۾ مشھور اديب محمد لقمان ’استاد‘ لغاريءَ، پنھنجي نالي سان هي لائبريري قائم ڪئي آهي. هڪ سال ڳوٺ حاجي عبدالڪريم لغاري تعلقي سانگهڙ ۽ 16 (سورنهن) سال ڳوٺ ’لُوڻ کاڻ‘ تعلقي کپري ۾ رهائش اختيار ڪرڻ سبب، هيءَ لائبريري پاڻ سان گڏ سنڀاليندو رهيو. 2001ع کان کپري شھر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ بعد سندس لائبريريءَ ۾ هن وقت هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن. لائبريريءَ جي خاص ڳالهه ’شاهه جي رسالن جو ذخيرو‘ آهي. جنھن ۾ ڀٽ شاهه واري اصل قلمي نسخي گنج کان وٺي، استاد لغاريءَ جي هٿ اکري آخري رنگين قلمي نسخي سميت ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي پھرئين ڇاپي نسخي کان وٺي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل آخري ڇاپي نسخي تائين سمورا قلمي، ليٿو، عڪسي، فوٽو اسٽيٽ، ڇپيل، سنڌي، سرائيڪي، اردو، انگريزي، عربي، پنجابي ٻولين ۾ (ترجمو) شاهه جا رسالا موجود آهن. جن جو تعداد 100کان وڌيڪ آهي.هن لائبريريءَ ۾ ٻين موضوعن تي به ڪتاب موجود آهن، جن ۾: آتم ڪھاڻيون، اسلاميات، انسائيڪلو پيڊيائون، ٻاراڻو ادب، تاريخ، تصوف، سائنس، سفرناما، سياسيات، شاعري، خط، علم اعداد، علم نجومي،علم رمل، علم طب ۽ حڪمت، علم فقھ، علم فلڪيات، علم فنونِ لطيفه، علم منطق، علم موسيقي، علم نجوم، ڪھاڻيون، لسانيات، لغت، لوڪ ادب، ناول ۽ يادگيريون شامل آهن. هن لائبريريءَ ۾ اخبار تعليم کانسواءِ اڪثر رسالا، مخزنون، پريت، پڙاڏو، جهونگار، زندگي، سنڌي ٻارڙا، ڊائريون، جنتريون ۽ سُندر ٽپڻا به وڏي تعداد ۾ موجود آهن.


لفظ استاد لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.11.21  عيسوي

استاد لغاري 21 نومبر 1956ع تي ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي ضلعي سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌي شاعريءَ جي گرامر ۽ عروض جا محقق ۽ عالم
ببيتا
سُورج مل اُڌيپوري
حسن مشتاق انڍڙ
قاضي واجد
سمه بن ديوائچ
پير نعمت الله قريشي
ابراهيم جويو
صالح بيگ مرزا ترخان اول
زينت امان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون