استاد انور علي سانگي

استاد انور علي سانگي

استاد انور علي سانگي

استاد انور علي سانگي (فنڪار): مشھور ڪلاسيڪل فنڪار استاد انور علي ولد اسدالله سانگي پھرين جنوري 1944ع تي ڳوٺ سانگي تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم منڱواڻي پرائمري اسڪول سانگي، تعلقي ميھڙ مان حاصل ڪئي، جنھن کانپوءِ 1948ع واري ٻوڏ ۾ سندس خاندان لڏي لاڙڪاڻي شھر ۾ اچي آباد ٿيو. هن موسيقيءَ جي ابتدائي سکيا، 1970ع ۾ استاد ماسٽر ميھر علي کان ۽ پوءِ استاد منظور علي خان کان حاصل ڪئي. سندس ڪيترائي آڊيو البم منظر عام تي اچي چڪا آهن. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي رسالي جي ٽيھن ئي سرن کي اصل راڳن ۽ راڳڻين ۾ ڪمپوز ڪيو. سندس سڃاڻپ موسيقار ۽ گلوڪار واري رهي. استاد انور علي سنڌي، اردو، سرائڪي، فارسي ۽ هندي ٻولين ۾ ڳايو. هن ”سارنگ سنگيت ڪلب“ لاڙڪاڻي جو بنياد رکيو ۽ ”آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان“ لاڙڪاڻي جي موسيقيءَ واري شعبي جو چيئرمين پڻ رهيو. استاد انور علي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1975ع ڌاري متعارف ٿيو ۽ 1996ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان موسيقيءَ جي سکيا ۽ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ جي حوالي سان هفتيوار پروگرام ”سنگيت جو سفر“ ۾ ڪم ڪيو. ان کانسواءِ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي اهم درگاهن: شاهه عبداللطيف، قلندر لال شھباز، سچل سرمست، خواجا فريد، علامه هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي، حافظ خدا بخش، بيخود فقير، شاهه نصير، مھدي شاهه ۽ ٻين تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي، سندس شاگردن ۾ عاشق نظاماڻي، اسلم تنيو، ممتاز عباسي، لياقت سمون، شيراز عباسي، الياس سانگي، سلطان ميمڻ، منظور عباسي ۽ ٻيا شامل آهن. فن جي خدمت عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به مليا، جن ۾: 1982ع ۾ ايگريڪلچرل انڊسٽريل فيسٽول سنڌ طرفان ”مئرٽ سرٽيفڪيٽ“، 1987ع ۾ سنڌ سائنٽفڪ سوسائٽي لاڙڪاڻي طرفان ”تاريخ سنڌ“ اوارڊ، 1993ع ۾ سنڌ ٽئلينٽ آرگنائيزيشن لاڙڪاڻي پاران ”ٽئلينٽ اوارڊ“، 2002ع ۾ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي طرفان”لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ“، 2011ع ۾ لاڙڪاڻي ميگا فيسٽيول دوران ضلعي حڪومت لاڙڪاڻي طرفان ”بھترين صوفي اوارڊ“، 1992ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي طرفان ”ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ“ وغيره شامل آهن. هن 28 آڪٽوبر 2020ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.01.01  عيسوي

استاد انور علي پهرين جنوري 1949ع تي ڳوٺ سانگي ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بادل2
چوڌري محمد علي
ڊومنڪ اسٽيفن
پرويز هودڀائي
ٻڍو بالادي
چراغ شاه
ريجھه علي شاهه ثالث
ابڙو طارق عالم
امداد حيدر سولنگي
جيڪي ڀاڳناڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون