ارن ڌتي راءِ

ارن ڌتي راءِ

ارون ڌتي راءِ

ارون ڌتي راءِ: سوزانا ارون ڌتي راءِ 24 نومبر 1961ع تي شيلانگ، ميگھالا (ڀارت) ۾ پيدا ٿي. هوءَ انگريزيءَ ۾ لکندڙ ڀارت جي سُڄاڻ ليکڪا آهي، جيڪا هڪ سرگرم سماجي ڪارڪن به آهي، جنهن 1997ع ۾ ”بُڪر پرائيز“ (Booker Prize) حاصل ڪيو، جيڪو کيس سندس مشهور ناول ”دي گاڊ آف سمال ٿِنگس“ تي مليو. سال 2002ع ۾ کيس ”لينن ڪلچرل پرائيز“ مليو. هن ڪيترائي مضمون لکيا آهن ۽ هوءَ سماجي ۽ اقتصادي انصاف لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سرگرم ڪارڪن طور سڃاتي وڃي ٿي. ارون ڌتي راءِ جي ماءُ عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عيسائڻ هئي. جنهن جو تعلق شام ملڪ سان هو. جڏهن ته سندس بنگالي پيءُ، چانهه جي باغن ۾ ڪم ڪندڙ محنتي شخص هو. ارون ڌتي راءِ ٻه شاديون ڪيون، سندس پهريون مڙس آرڪيٽيڪٽ هو، ٻيو مڙس پرديپ ڪرشن هو، جنهن سان هوءَ 1984ع ۾ ملي ۽ سندس انعام يافته فلم ”ماسي صاحب“ (Massey Sahab) ۾ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيائين. پنهنجي مشهور ناول ”دي گاڊ آف سمال ٿِنگس“ لکڻ جي نتيجي ۾ مالي طور مستحڪم ٿيڻ تائين، هن مختلف ملازمتون ڪيون. سال 1994ع ۾ کيس ان وقت شهرت ملي، جڏهن هن ڦولن ديوي جي نالي سان ٺهيل فلم ”بينڊٽ ڪُئين“ تي تنقيد ڪئي، جيڪا شيکر ڪپور ٺاهي هئي. آگسٽ 2008ع ۾ ”ٽائمس آف انڊيا“ کي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ هن ڪشمير جي ڀارت کان آزاديءَ لاءِ وڪالت ڪئي. ارون ڌتي راءِ مدا پاٺڪر سان گڏ نرمادا ڊيم خلاف مهم به هلائي ۽ واضح ڪيو ته ان جي اڏاوت سان 5 لک ماڻهو بي گھر ٿي ويندا. هن افغانستان ۾ آمريڪي بمباريءَ کي برطانوي اخبار ”گارجين“ کي انٽريو ڏيندي دهشتگردي ڪوٺيو. کيس 2006ع ۾ ”ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ“ ڏنو ويو، جيڪو هن اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته حڪومت آمريڪي پاليسيءَ تي هلندي، صنعتي ورڪرن خلاف ظالماڻي پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي. هوءَ گانڌيءَ جي ”عدم تشدد“ (اهنسا) (Non- Violence) واري خيال جي پوئلڳ آهي.


لفظ ارون ڌتي راءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.11.24  عيسوي

ارون ڌتي راءِ: سوزانا ارون ڌتي راءِ 24 نومبر 1961ع تي شيلانگ ، ميگھالا ( ڀارت ) ۾ پيدا ٿي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام خان چانڊيو
ڄام ڪارائڙو
شاڪر عباس سمراٽ
شرف الدين خطاط
البرٽ ڪامئو
تسليما نسرين
فاضل راهو
سٻڙ خان خدمتگار
امام علي سومرو
ڄاموٽ شفقت حسين شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون