ارشاد عباسي

ارشاد عباسي: ارشاد النبي عباسي (پارسشاعر، اديب، پراڻو سياسي ڪارڪن آهي. هو نامياري شاعر تنوير عباسي ۽ آبپاشي جي ماهر اي اين جي عباسيءَ جو ڀاءُ آهي. سندس تخلص پارس آهي. هو 21 مئي 1951ع تي صوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ خانصاحب گل حسن خان عباسيءَ جي گهر ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي پاس ڪري سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪرڻ بعد وفاقي حڪومت جي سُڌ سماءُ واري کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. هو مختلف ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس اتاشي طور ڪم ڪري چڪو آهي. شاگرديءَ واري زماني ۾ کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابسته رهيو. هن جي شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. ادب، سياست، تاريخ ۽ فلسفي تي سٺو اڀياس رکندڙ ’پارس‘ نوڪري جو وڏو عرصو اسلام آباد ۾ گذاريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو