ارجن شاد

ارجن شاد

ارجن شاد

ارجن شاد: سنڌ ۽ هند جي نالي واري شاعر ارجن شاد جو اصل نالو ارجن گوبندرام ميرچنداڻي آهي. سندس جنم 17 ڊسمبر 1924ع تي سکر سنڌ ۾ ٿيو. پي.ايڇ. ڊي ”سنڌي غزل“ جي عنوان تي ڪيل اٿس. جيڪا ٿيسز هند ۽ سنڌ ۾ڇپيل آهي. ادبي دنيا ۾ شاعر ۽ نقاد جي حيثيت سان مشهور رهيو آهي. ”بيوس ۽ نئون دور“ عنوان سان لکيل سندس ڪتاب، ڪشنچند بيوس تي هڪ اهم مستند ڪتاب آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت هليو ويو. جئه هند ڪاليج جي سنڌي شعبي جو سربراهه رهيو آهي. سندس شاعريءَ جا پنج ڪتاب ڇپيل آهن: ’آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ‘ (1957ع)، ’ڏاهيون ڏک ڏسن‘ (1962ع)، ”انڌو دونهون“ (1982ع) ۽ ”ڌرتيءَ جو درد“ (1997ع). هن روسي شاعريءَ جو ترجمو ”وولگا جي ڪناري“ (1967ع) ڪيو. آل انڊيا ريڊيو ۽ بمبئي ٽي. ويءَ تي شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ ڪيترائي ڀيرا شرڪت ڪيائين. ڪونج ادبي مئگزين جا ڪيترا پرچا ايڊٽ ڪيل، ادبي اڪيڊميءَ جي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر، ڀارت سرڪار جي سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر، ڪيترين ئي تعليمي ڪاميٽين جو چيئرمئن ۽ ميمبر رهيو آهي. هن 2006ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.


لفظ ارجن شادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.12.17  عيسوي

ارجن شاد: سنڌ ۽ هند جي نالي واري شاعر ارجن شاد جو اصل نالو ارجن گوبندرام ميرچنداڻي آهي . سندس جنم 17 ڊسمبر 1924ع تي سکر سنڌ ۾ ٿيو .


2006.00.00  عيسوي

ارجن شاد: سنڌ ۽ هند جي نالي واري شاعر ارجن شاد جو اصل نالو ارجن گوبندرام ميرچنداڻي آهي .هن 2006ع ۾ لاڏاڻو ڪيو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امر اقبال
ٽي ايس ايليٽ شاعر
اڪبر ساگر
شاهين سنڌي
چانڊيو عاشق
سليم بچاڻي
در محمد فقير
شيطان فقير
مراد علي ڪاظم شيخ
صاحب راءِ آزاد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون