ارباب ڇڄڙو

ارباب ڇڄڙو: اداڪار ۽ ليکڪ ارباب ولد محمد صديق ڇڄڙو 4 جون 1954ع ڌاري ڳوٺ مورچوي تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ۽ مئٽرڪ نوان جتوئي مان پاس ڪيائين، وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. ان کان پوءِ غريب ماڻهن جي حالتن کي اسٽيج تان پيش ڪرڻ جي خيال سان مشهور اسٽيج ڊراما نگار استاد محمد صديق پرهياڙ کان اداڪاري جي سکيا ورتائين. هن وقت تائين سوين اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. کيس ڪيترا انعام به مليا آهن. سندس ڊرامي ”اڳيان ڏوڪر پٺيان جوڪر“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، هن جا ڪجهه ڊراما مختلف سنڌي چينلن تان به هلي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو