ارباب نور محمد پليجو

ارباب نور محمد پليجو

ارباب نورمحمد پليجو

ارباب نورمحمد پليجو: هيءُ ٺٽي ضلعي جو خاموش، مخلص، مهمان نواز، آزاد خيال، زندهه دل، ترقي پسند، قوم پرست، محب سنڌ ۽ ڪهنو قومي ڪارڪن ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. ارباب نورمحمد پليجو 30 جولاءِ 1915ع تي جمعي جي ڏينهن ڄائو. سندس والد جي وفات وقت هن جي عمر چئن سالن جي هئي. کيس ابتدائيءَ تعليم لاءِ ”ٻني“ جي اسڪول ۾ 9 آگسٽ 1924ع تي ماسٽر ”کيئل مل“ (آراضيءَ، تعلقي سيوهڻ واري) وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. هيءُ 1929ع ڌاري سنڌ مدرسي ۾ انگريزي پڙهڻ ويو. سياست ۾ سائين جي. ايم سيد جو ساٿي رهيو. سيد جا ڪتاب ڇپائيندي، مقامي مولوين جي مخالفت سبب پاڪستان جي عالمن پاران جي. ايم سيد سان گڏ ڪفر جي فتويٰ برداشت ڪرڻي پيس. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو پهريون جنرل سيڪريٽري رهيو. قومي تحريڪ جي حوالي سان ٻه ڀيرا جيل ياترا ڪيائين. بزم صوفياءِ سنڌ جو ڊپٽي سيڪريٽري به رهيو. سنڌ مدرسته الاسلام جي بورڊ آف گورنرس جو ڪيئي سال ميمبر رهيو. روشن خيال انسان هو. اولاد کي تعليم ڏياريائين. سندس وڏو فرزند عبدالحئي پليجو ناميارو اديب آهي ۽ ڪيترا سفرناما لکيا اٿس. مرحوم نورمحمد پليجي 25 مئي 1979ع تي وفات ڪئي.


لفظ ارباب نورمحمد پليجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.07.30  عيسوي

ارباب نورمحمد پليجو: هيءُ ٺٽي ضلعي جو خاموش ، مخلص ، مهمان نواز ، آزاد خيال ، زندهه دل ، ترقي پسند ، قوم پرست ، محب سنڌ ۽ ڪهنو قومي ڪارڪن ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي . ارباب نورمحمد پليجو 30 جولاءِ 1915ع تي جمعي جي ڏينهن ڄائو .


1979.05.25  عيسوي

مرحوم نورمحمد پليجي 25 مئي 1979ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخاري
ٿهيم عبدالرزاق جسٽس
رضوي سيد محمد ظهير
پنڊت نکيل بينرجي
انور علي سرهيو
حسن ناصر
سريچند ميوارام
خواجه نور افروز ڊاڪٽر
بابا حاجي ميرمحمد
ٽهلراماڻي آنند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون