ارباب فيض محمد

ارباب فيض محمد

ارباب فيض محمد

ارباب فيض محمد: مٺي ٿرپارڪر ضلعي جي بانيڪار، سنڌ جي نامور سياستدان ونگي جي ڄام ارباب فيض محمد 1942ع ۾ ٿرپارڪر سنڌ جي نامور سياستدان ارباب خانصاحب توڳاچيءَ جي گھر، ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ۾ جنم ورتو. ارباب فيض محمد سياست جي شروعات 1970ع کان شروع ڪئي. 1977ع واري اليڪشن دوران پي. ايس 55 ڏيپلي تان بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1985ع جي چونڊن ۾ اباڻي تڪ ڏيپلي جي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ پي. ايس 55 تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1988ع جي اليڪشن ۾ ارباب فيض محمد بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. 1990ع جي اليڪشن دوران هن وري به اباڻي تڪ پي. ايس 55 ڏيپلي تي فارم ڀرايو، وڏي اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ، سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿي جيل کاتي جو صوبائي وزير ٿيو.انهي دوران وڏي جاکوڙ ۽ جفاڪشي کان پوءِ مٺي ٿرپارڪر کي ضلعي جو درجوڏيارائين. 1997ع جي اليڪشن دوران ساڳي تڪ پي. ايس 55 ڏيپلي تان بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪري. سنڌ حڪومت ۾ منرل، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو وزير بڻيو. اهڙي ريت اباڻي تڪ تان پنج دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ٻه دفعا صوبائي وزير ٿيو، ارباب فيض محمد 27 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ کيتلاري، ڏيپلي ٿرپارڪر ۾ آهي.


لفظ ارباب فيض محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.00.00  عيسوي

ارباب فيض محمد: ارباب فيض محمد نهڙيو ، ارباب خانصاحب توڳاچيءَ جو پٽ هو ، جنهن 1942ع ۾ ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ۾ جنم ورتو


2000.11.27  عيسوي

ارباب فيض محمد 27 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو زيد حسن سيرافي
سيد ميران محمد شاهه مير مهجور ٽکڙائي
مير ابوالمڪارم شهود سبزواري
ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل
مير علي شير قانع ٺٽوي
عامر خان مگسي مير
خالد وسير
ڀڳت چنديرام
عبدالستار ڀٽي
دسرت راجا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون