ارباب الهجڙيو

ارباب الهجڙيو

ارباب الهجڙيو

ارباب الهجڙيو: ارباب حاجي الهجڙيو نهڙيو 1862ع ۾ ارباب مٺا خان جي گهر ۾ ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. سياست جي شروعات 1895ع کان شروع ڪيائين. سياسي ميدان ۾ مسلم ليگ سان ساٿ ڏئي اڳتي وڌيو. تحريڪ خلافت ۾ حصي وٺڻ کان سواءِ علامه مشرقي جي 1931ع ۾ قائم ڪيل خاڪسار تحريڪ ۾ مير علي احمد ٽالپر ۽ مير رسول بخش ٽالپر سان گڏ حصو ورتائين. آزاديءَ جي تحريڪ دوران ارباب خانصاحب توڳاچي ۽ تاج محمد'>ارباب تاج محمد جو ٻانهن ٻيلي رهيو. لوڪل بورڊ جو ميمبر به رهيو، کيس جڏهن سياست ۾ ڪوڙ ۽ ٺڳي نظر اچڻ لڳس ته سياست کي خيرآباد چئي الله جي اطاعت، عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿي انسانيت جي خدمت ڪرڻ لڳو. اسلامي، ديني ۽ علمي معلومات جي اشاعت ۽ جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ 1929ع ۾ ستار آباد ۾ ”مظهر العلوم“ نالي سان هڪ وڏو ديني مدرسو قائم ڪرايائين، جنهن مان سوين شاگرد عربي، فارسي ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. انهيءَ مدرسي جو خرچ هي سخي مرد برداشت ڪندو هو. عالمن ۽ فاضلن سان روحاني ڪچهريون ڪري انهن مان فيض ۽ ذهني سڪون حاصل ڪندو هو. سندس زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو، مولوي حاجي احمد ملاح جو سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو منظوم ترجمو پنهنجي خرچ تي ڇپائي، سنڌ جي عوام ۾ مفت تقسيم ڪرڻ هو. ٿر جو عوام سندس ديني، مذهبي ۽ سماجي خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي. پاڻ 20 آگسٽ 1988ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي تعلقي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ ڀرسان کيتلاري قبرستان ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1862.00.00  عيسوي

ارباب الهجڙيو: ارباب حاجي الهجڙيو نهڙيو 1862ع ۾ ارباب مٺا خان جي گهر ۾ ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو


1988.08.20  عيسوي

ارباب الهجڙيو: پاڻ 20 آگسٽ 1988ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

وفا اسلم شيخ
پير محمد پيرل ميمڻ
انور بلوچ2
شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي
رياض شاهد
ڊاڪٽر ڊرئگو
ابڙو وريل فقير
نذير احمد سانگي ڊاڪٽر
بگٽي شر
سليم سرهندي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون