محمد ادريس راجپوت

محمد ادريس راجپوت

ادريس راجپوت

ادريس راجپوت: محمد ادريس راجپوت آبپاشي ماهر طور سڃاتو وڃي ٿو. هو آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري به رهيو آهي، سندس ٻي وڏي سڃاڻپ رٽائرمينٽ کانپوءِ، پنهنجي موضوع سان نڀائيندي، سنڌ جي نقطهءِ نظر کي ڌيان ۾ رکندي، مضمون ۽ مقالا لکڻ ۽ عوام کي آگاهي ڏيڻ آهي. هو مختلف موقعن سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪندو رهي ٿو. محمد ادريس راجپوت 20 نومبر 1941ع تي ديندار خان راجپوت جي گھر، ڀارت جي ضلعي ”گڙگائون“ جي هڪ ڳوٺ ”نُوهه“ (Nuh) ۾ پيدا ٿيو. هي اڃا اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ مس داخل ٿيو هو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب، سندس خاندان نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، جنهنڪري سندس خاندان پهريائين ٽنڊي الهيار، پوءِ ٺارو شاهه ۽ آخر قنبر ۾ اچي ويٺو. ننڍ پڻ ۾ ماءُ جي لاڏاڻي سبب، کيس ڏاڏيءَ پاليو. جنهنڪري مٿس ان جو ڪافي اثر رهيو.
هن ابتدائي تعليم 1955ع ۾ مين پرائمري اسڪول قنبر ۽ مئٽرڪ 1959ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان پهرين پوزيشن سان حاصل ڪئي. هن انٽر سائنس (مئٿميٽڪس) ۾ به 1961ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڊويزن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس والد جي خواهش کيس ڊاڪٽر ڪرڻ جي هئي، پر پنهنجي شوق سبب هن سول انجينئرنگ (1965ع ) ۾ بِي، اِي اين اِي ڊِي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ گولڊ ميڊل ماڻي حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هي 1966ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجينئر مقرر ٿيو، جتي 1970ع ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجينئر طور ترقي حاصل ڪيائين. ۽ پوءِ ترقي ڪندي، صوبائي سيڪريٽري آبپاشي ٿيو ۽ 19 نومبر 2001ع تي رٽائر ڪيائين. ان دؤران هي مختلف سرڪاري پراجيڪٽن جو انچارج به رهيو. ادريس راجپوت رٽائرمينٽ کانپوءِ 2002ع کان وٺي مسلسل سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ڄاڻ ڀريا مضمون روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾ پئي لکيا آهن. جن کي بيحد ساراهيو ويو آهي. مارچ 2003ع ۾ انهن مضمونن کي نوجوان اديب رياضت ٻرڙي، ترتيب ڏئي، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”گريٽر ٿل ڪينال ۽ ڪالا باغ ڊيم“ جي نالي سان، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو. محمد ادريس راجپوت کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ اڪيڊمي پاران اپريل 2003ع ۾ ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ“ به ڏنو ويو. تصوف جي مطالعي سان دلچسپي رکندڙ محمد ادريس راجپوت جي رهائش 1979ع کان وٺي ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ آهي.


لفظ ادريس راجپوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.11.20  عيسوي

محمد ادريس راجپوت 20 نومبر 1941ع تي ديندار خان راجپوت جي گھر ، ڀارت جي ضلعي ” گڙگائون “ جي هڪ ڳوٺ ” نُوهه “ ( Nuh ) ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀوڄراج شيوڪ
ٽالپر مير سهراب خان
ھدايت الله پريم آخوند ڊاڪٽر
سھراب سومرو
خليفو سيد محمد باقر شاهه
غلام جيلاني برق
عشرت العباد
چوڌري خليق الزمان
خواجه باقي بالله
خفيف II
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون