داخلا ؛ 2649
پڙهيو ويو ؛ 1048
پسند ڪيو ويو ؛ 6
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون


idrees-jatoi.jpg
ادريس جتوئي
ادريس جتوئي



ٽائيم لائين

1962.09.14-A.D
ادريس جتوئي: نوجوان ليکڪ ، تعليمي ماهر ۽ پبليشر محمد ادريس جتوئي 14 سيپٽمبر 1962ع تي ڳوٺ ٺوڙها ، تعلقي موري ۾ جنم ورتو .




sindhianaسنڌيانا--ادريس جتوئي

ٽائيٽل ؛ ادريس جتوئي


شاخ : شخصيت

ادريس جتوئي: نوجوان ليکڪ، تعليمي ماهر ۽ پبليشر محمد -ادريس جتوئي- 14 سيپٽمبر 1962ع تي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ -جنم- ورتو. سندس والد محمد حسن -جتوئي- هاري هو، سندس -امڙ- مريم خاتون پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ۾ وڏي جستجو ڪئي. -ادريس جتوئي- شروعاتي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوان جتوئيءَ مان ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان امتيازي نمبرن سان ايم. اي ڪئي آهي. سندس ماسٽر ٿيسز جو عنوان”پريس تي تشدد“ هو. هي ينگ ٿنڪرس فورم- سنڌ جو -ايگزيڪيوٽو- ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. -ان- بعد هُن لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. اي (سنڌي ادب) جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن ۾ هُن برک ڪهاڻيڪار جمال ابڙي تي تفصيلي مونوگراف لکيو، جيڪو ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو آهي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هن هارين جي حقن لاءِ به سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڳوٺ ۾ وليج ويلفيئر ايسوسيئيشن قائم ڪري، -ان- پليٽ فارم -تان- ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جنهن ۾ ڪامريڊ -حيدر بخش جتوئي- لائبريري ڳوٺ -ٺوڙها- جو بنياد پڻ شامل آهي. سنڌ جي معروف پبليشنگ اداري ”روشني پبليڪيشن“ جي باني ميمبرن مان هڪ آهي. ادريس جتوئيءَ جي شاعري، مضمون ۽ تنقيدي مقالا ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ نوان -جتوئي- جو الحاق 1983ع ۾ ڪرايو ۽ اڄ تائين سنگت جي ميدان -تان- ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا، جنهن ۾ صوفي سيد علي گوهر شاهه جو ڪتاب ”گوهر شاهه جو گيان“ ۽ نوجوان شاعر نماڻي سنڌيءَ جو ”ستارن مجهول“ به شامل آهن.
ادريس، سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي پڻ متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن وقت سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي. -ان- کان علاوه هن مختلف اشاعتي ادارن ۾ پڻ ڪم ڪيو، -جن- ۾ روزاني ”سنڌ“ جو رپورٽر،ماهوار ”سنڌ لائن“ مئگزين جو ٻه سال -ايڊيٽر- (2000-1998)، 2001 کان وٺي هو -تعليم- کاتي جي مشهور تعليمي مئگزين ”اخبار تعليم“ جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو آهي.
هن هڪ -استاد- جي حيثيت سان پنهنجي ڳوٺ نوان جتوئي، قاضي احمد ۽ ڏيپارجا ۾ اسڪول ٽيچر طور آغاز ڪيو، جتان پوءِ 1998ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پهرين پوزيشن سان پاس ڪري 2000ع ۾ سنڌ جي قديم درسگاهه ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمئن (هاڻوڪي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج) فار ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، -جتي- لڳ ڀڳ 8 سال خدمتون سرانجام ڏنائين.
بعد ۾ 2005ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسيئيشن ونگ سنڌ طور ڄامشوري ۾ چارج ورتي، -جتي- اڄ تائين ذميواريون نڀائي رهيو آهي. -ان- دوران تدريسي ڪتابن جي مواد ٺاهڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ ڇپائڻ ۾ پڻ فرض نڀائي رهيو آهي. -ان- دوران پرائمري استادن لاءِ U.S.Aid يونيوسڪو، يونيسيف ۽ ايشين ڊولپمينٽ -بئنڪ- جي تعاون سان ڪيترائي ٽيچرس ٽريننگ مينيوئل، ٽيچرس گائيدس ۽ اضافي تربيتي مواد تيار ڪيا آهن. هن وقت 2002ع کان وٺي هو قومي نصاب ڪميٽي (پهرين کان ٻارهين ڪلاس تائين) ميمبر ۽ نظرثاني ڪندڙ آهي. هن وقت تائين ٻولين، خواندگي، بالغن جي تعليم، ماحوليات ۽ ٻين ڪيترن نصابي مضمونن تي ڪم ڪيو آهي. -ان- کانسواءِ پي. ٽي. سي ۽ سي. ٽي ڪلاسن جي نصاب ڪاميٽي جو ميمبر پڻ آهي. -ان- کانسواءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي پهرين کان ٻارهين درجي تائين جي سنڌي ڪتابن جو ليکڪ ۽ نظرثاني ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي. مختلف ٽيچرس ٽريننگ پروگرامن ۾ هڪ سٺي ٽرينر طور هزارين پرائمري، سيڪنڊري استادن، هيڊ ٽيچرس ۽ ضلعي آفيسرن جي تربيت ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي. -ان- کان علاوه سنڌي -ٻولي- آٿارٽي جي پبليڪيشن ڪاميٽي ۽ تعليمي ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو آهي. 2004ع کان وٺي هُو وفاقي وزارت -تعليم- جي پراجيڪٽ ”نيشنل ايڊيوڪيشن / اسيسمينٽ سسٽم(NEAS) ۽ ايڊيٽنگ ترجمي، تجزيه ڪار طور ڪم پڻ ڪيو آهي.
ادريس -جتوئي- ڪيترن ئي سيمينارن، ورڪشاپن، ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪيا آهن. کيس ڪيترائي علمي،ا دبي، ايوارڊ ۽ شيلڊون مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا آهن. -جن- ۾ سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ (1993ع)، گولڊن جوبلي ايوارڊ: (ضلعي اندر تعليمي ۽ هم نصابي سرگرمين تي) شيلڊ: نوشهروفيروز مدرسي ۽ هاءِ سڪول جي سؤ سالا جشن تي مقالو پڙهڻ تي) (1995ع)، محمد خان مجيدي شيلڊ (ماڻڪ موتي تنظيم طرفان)، حمل فقير يادگار شيلڊ (2006) ۽ سنڌي -ٻولي- اختياري پاران مڃتا شيلڊ (2004). سندس تصنيفين ۾ ”جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي“ کان علاوه ڪجهه ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن. هن وقت هو حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ادريس جتوئي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ادريس جتوئي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن