ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ

ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ (ڪتاب ):هي ڪتاب ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي، جنهن جا ٻه ڇاپا اچي چڪا آهن. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب سنڌ ادبي اڪيڊميءَ پاران پهرين 1997ع ۾ ڇپيو، ان کان پوءِ ان کي سڌاري ٻيهر 2002ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ ادبي تنقيد جي فن ۽ ان جي تاريخ تي تفصيل سان روشني وڌل آهي، جنهن ۾ يونان کان سنڌ تائين اهم تنقيدي نظرين ۽ ڪتابن تي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ ”ادبي وابستگي ڇا آهي“ جي عنوان سان ادب ۽ اديب جي ذميداريءَ تي لکيو ويو آهي. ان کان سواءِ پي گري جي جڳ مشهور ڪتاب ”ائپريسئيشن آف پوئٽري“ جو سنڌي ترجمو ”ادب جي ساڃاهه“ جي نالي سان ڪري هڪ باب طور شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب کي اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران 2002ع جي بهترين سنڌي ڪتاب جو اوارڊ پڻ ملي چڪو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ايم. اي (سنڌيءَ) جي ڪورس تي پڻ رکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو